آئڊيولوجيڪل الائنس
نظرياتي اتحاد
جڏهن ڪجهه ملڪ ڪنهن خاص نظريي تي متفق ٿي، ڪن اصولن جي حاصلات لاءِ هڪ معاهدي تي صحيون ڪندا آهن، ته اهڙي سهمتيءَ کي ”نظرياتي اتحاد“ سڏجي ٿو. يورپي مُلڪن جو”پاڪ اتحاد“ (1815ع) ۽ ”ائٽلانٽڪ چارٽر“ (1941ع) وغيره، هن قسم جا اتحاد آهن. ان کان سواءِ مذهبي، سياسي ۽ معاشي نظرين جي بُنياد تي، هم خيال رياستن جي وچ ۾ اتحاد پڻ هن اصطلاح ذريعي واضح ڪيو ويندو آهي. ويهين صدي عيسويءَ جو پويون اڌ نظرياتي سياست جي حوالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين مُختلف نظرين جي بُنياد تي هن قسم جا اتحاد جوڙيا
آچارڻ، آچارڻ
مصدر. [سن. ١. آچَارَ آ = اَت + چَر = هلڻ اڳئين موجب هلڻ؛ ٢. آدتِ سار = اصل کان رواجي قانون جو طرز عمل هجڻ] اصل کان هلندڙ رواج موجب فيصلو يا ڪم ڪرڻ. هلي چليءَ موجب هلڻ. نياءُ ڪرڻ ، انصاف ڪرڻ ، فيصلو ڪرڻ. ويِچَارَڻُ.ڳالهه ڪري ٻڌائڻ. آچاريو ، آچارِيندو
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal