SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


IUD

(click word to listen sound
  • 🔊
  • iud
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

IUD

آءِ يو ڊي

انٽرايوٽيرائين ڪنٽراسيپٽو ڊوائيس (intrauterine contraceptive) جو مخفف، آءِ يو ڊي کي آءِ يو سي ڊي (IUCD) يا ڪوائل (coil) به سڏجي ٿو جيڪو ڳڀ روڪ طور ڳڀيرڻ (uterus) ۾ وجهي ڇڏجي ٿو. آءِ يو ڊي گهڻي ڀاڱي پلاسٽڪ جا ٺھيل ٿين ٿا جن جو اثر بھتر ڪرڻ لاءِ ٽامو يا چاندي ملائي وڃي ٿي. ھڪ قسم جي آءِ يو ڊي ننڍڙي مقدار ۾ پروجيسٽوجين ھارمون (progestogen hormone) خارج ڪري ٿي ۽ ورلي انٽرايوٽيرائين سسٽم جي نالي سان سڏجي ٿي (ڏسو، IUS). سمجهيو وڃي ٿو ته آءِ يو ڊي نرجڻ جو عمل (fertilization) ٿيڻ نٿي ڏئي ۽ نريل آني کي فيلوپين نلين ۾ سفر ڪرڻ ۽ ڳڀيرڻ سان لڳڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري سگهي ٿي (ڏسو،implantation, egg ). ڪا به آءِ يو ڊي، گرڀ ناليءَ ۽ ڳھڻ رستي ڳڀيرڻ جي ڀانڊي ۾ وجهجي ٿي. ھڪ دفعو پنھنجيءَ جاءِ تي ٿانيڪي ٿيڻ کانپوءِ ترت ۽ اثرائتي طريقي سان بچاءُ ڪري سگهي ٿي. ڪيتريون آءِ يو ڊي ھڪ پلاسٽڪ جي ڌاڳي سان ٻڌل ٿين ٿيون ته جيئن انھن کي ڪڍڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ ان مان اھا به ڄاڻ پوي ٿي ته آءِ يو ڊي پنھنجيءَ جاءِ تي موجود آھي. آءِ يو ڊي پنھنجي جاءِ تي 10 سالن لاءِ به ڇڏي سگهجي ٿي جنھن جو وڌيڪ مدار آءِ يو ڊيءَ جي قسم تي ٿئي ٿو. سواءِ آءِ يو ايس (IUS) جي ڪيتريون آءِ يو ڊيون ھنگامي ڳڀ روڪ طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون. عام طور تي جن عورتون کي فائبروائڊ يا ناقص ڳڀيرڻ ٿئي ٿي تن کي آءِ يو ڊيون استعمال ڪرڻ جي صلاح نٿي ڏجي. جيڪڏھن ماھواري شديد ھجي ٿي يا ماضيءَ ۾ يا پيلوِڪ انفليميٽري ڊزيز (pelvic inflammatory disease/PID) ٿيڻ جو گهڻو خطرو ھجي ٿو تن کي پروجيسٽوجون آءِ يو ڊي استعمالڻ جي سفارش ڪري سگهجي ٿي. ورلي، حمل به ٿي سگهي ٿو جڏھن ته آءِ يو ڊيون ورلي ڪو مسئلا پيدا ڪن ٿيون تڏھن خارج ڪري سگهجن ٿيون. نان پروجيسٽوجين آءِ يو ڊيون، ڪن گروپن ۾ جھڙوڪ جن عورتن جا گهڻا دوست ھجن ٿا تن ۾ پي آءِ ڊيءَ ٿيڻ جو خطرو وڌائي سگهن ٿيون. ڪنھن آءِ يو ڊي جي گهڻي عام ٿيندڙ ورلي پيچيدگي، ڳڀيرڻ ۾ سوراخ ٿي پون ٿا جيڪي گهڻي ڀاڱي آءِ يو ڊي وجهڻ وقت ٿين ٿا.


Remember Me Also:

لوساٽجڻ

لُوساٽِجَڻُ

اُس يا پاري جي تيزي سبب سڙي وڃڻ، سُڪِي وڃڻ، رنگ ڦيرائڻ، لهسڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal