SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hypoxia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hypoxia
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Hypoxia

هائپوڪسيا

آڪسيجن ۾ ڪمي، زير آڪسيجن


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hypoxia

ھاءِ.پو.ڪ.سِيا

جسم جي ٽشوئن کي آڪسيجن (oxygen) جي اڻپوري رسد حاصل ٿيڻ. عارضي ھائپوڪسيا سخت ڪسرت سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. ان جا گهڻا سنگين ڪارڻ ساه کڻڻ بند ٿي وڃڻ (ڏسو، respiratory failure)، اِسڪيميا (ischaemia) ۽ شديد رت جي پوڻائي (anaemia) ٿئي ٿي. ورلي، ان جو ڪارڻ ڪاربان مونو آڪسائيڊ (carbon monoxide) سبب زھرجڻ ٿئي ٿو. شديد، ڊگهي ھائپوڪسيا سبب ٽشو مري سگهن ٿا. مشڪن جي ھائپوڪسيا سبب مشڪن جي سيلن کي اَئنئيروبيڪلي (anaerobically) گهڻي توانائي پيدا ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي جنھن سبب ڳڍڙيون پئجي سگهن ٿيون. دل جي مشڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ھائپوڪسيا اَنجائنا پيڪٽورس (angina pectoris) پيدا ڪري سگهي ٿي. دماغ جي ھائپوڪسيا مونجهارو، غشي ۽ بي ربطگي پيدا ڪري ٿي لڳاتار رھي ته بيھوشي ۽ موت جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ھائپوڪسيا جي جاچ ڪرڻ لاءِ آڪسِيميٽر (oximeter) رستي ٽشوئن ۾ موجود رت ۾ آڪسيجن ماپي ڏسجي ٿي. شديد ھائپوڪسيا جي حالت ۾ ممڪن ٿئي ٿو ته آڪسيجن رستي علاج ڪرڻو پوي يا مصنوعي طريقي سان ساه کڻائجي (ventilation) ڏجي.


.


Other Phrases of Hypoxia used in Daily life:

Remember Me Also:

لڳي

لَڳِي جمع لَڳِيُون

ث . (پرا. اِپا. سن. ايڪا= لَڳِي) لَڳڻي، پيار، دل لڳي، لنئون ، محبت، عشق ، نينهن ، پريت ، ڀاءُ ، چاهه، شوق ،اُڪَنجهر، اُڪير، خواهش، اِڇا، چاهت ، گهڻي. آرزو، تمنا. انتها، بُک. دوستي، آشنائي، لاڳاپو، تعلق ، نسبت. دشمني، وير، وِروڌُ

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal