SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hypothyroidism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hypothyroidism
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Hypothyroidism

هائپوٿائيزائڊزم

ناقص عملي


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hypothyroidism

ھاءِ.پو.ٿاءِ.روائڊِزم

ٿائروائڊ غدود جو عام رواجي حالت کان گهٽ ٿائروائڊ ھارمون (thyroid hormones) پيدا ڪرڻ. ڪيترين حالتن ۾ ان جو ڪارڻ ڪو آٽواِميون نقص (autoimmunue disorder) ٿئي ٿو جھڙوڪ: ھشيموتوس ٿائروائڊيٽس (Hashimoto’s thyroiditis) يا ڪي دوائون جھڙوڪ اميئودارون (amiodarone). ھائپرٿائرواڊزم جي علاج لاءِ ٿائروائڊ غدود جي ڪجهه حصي کي ڪڍڻ سبب به ھائپوٿائروائڊزم پيدا ٿي سگهي ٿو. ورلي حالتن ۾ ابھم، غيرفعال ٿائروائڊ غدود سان ڄمن ٿا (congenital hypothyroidisim). بالغن ۾ ان جي نشانين ۾ ٿڪ، سستي مشڪن جي ڪمزوري، ڳڍڙيون، دل جو آھستي ڌڙڪڻ، چمڙيءَ جي خشڪي، وار ڇڻڻ، گهرو ۽ کھرو آواز ۽ وزن جو گهٽجڻ شامل ٿين ٿا. ھڪ سنڊروم جنھن کي مِڪسوايڊيما (myxoedema) سڏجي پيدا ٿي سگهي ٿو جنھن ۾ چمڙي ۽ ٻيا ٽشو ٿلها ٿي وڃن ٿا. ٿائروائڊ غدود به وڌي سگهي ٿو (ڏسو، goitre). جيڪي ابھم پيدائشي ھائپوٿائروائڊزم ۾ مبتلا ٿين ٿا تن کي کائڻ جون تڪليفون، قبضي، يرقان (ڏسو، jaundice, neonatal) ۽ حد کان گهڻي ننڊ ٿئي ٿي. جيڪڏھن ھن تڪليف جي وقت سر تشخيص ۽ سوير علاج شروع نه ڪجي ته ٻالڪپڻي ۾ ذھني اوسر متاثر ٿي سگهي ٿي. ھائپوٿائروائڊزم جي تشخيص لاءِ رت ۾ ٿائروائڊ ھارمون جي سطح چڪاسي وڃي ٿي. ابھمن جي ڄمڻ کان ترت پوءِ ھن بيماريءَ جي چڪاس ڪجي ٿي (ڏسو، blood spot screening tests). بيماريءَ جي سڀني حالتن ۾ علاج لاءِ ٿائروائڊ ھارمون جو نعم البدل ٿائراڪسن (thyroxine) سڄيءَ عمر لاءِ استعمال ڪرڻو پوي ٿو.


Remember Me Also:

جنڊوملائڻ

راند شروع ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal