SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hypothermia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hypothermia
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hypothermia

ھاءِ.پو.ٿر.ميا

جسم جي گرمي پد جي 35o س کان گهٽتائي. گهڻا ڪيس بيمار ۽ پيرسن فردن ۾ گهٽ گرمي پد ۾ وائکي ٿيڻ سبب پيدا ٿين ٿا. پيرسن ٿيڻ سان ٿڌ لاءِ حساسيت گهٽجي وڃڻ ڪري جسم ساڳيو گرمي پد قائم رکي نٿو سگهي. ابھم ٻارڙا به ھائپوٿرميا ٿيڻ جي گهڻي خطري ۾ رھن ٿا. ڇاڪاڻ ته انھن جو گرمي پد تيزيءَ سان گهٽجي وڃي ٿو ۽ سولائيءَ سان وري تبديل ٿي نٿو سگهي. عام طور تي ھائپوٿرميا جو شڪار فرد پيلو ۽ بي چين رھي ٿو. دل جي رفتار آھستي ٿي وڃي ٿي، جسم ٿڌو ٿي وڃي ٿو ۽ متاثر فرد ننڊاکڙو ۽ وائڙو رھي ٿو. ھائپوٿرميا جي شديد حالت ۾ ساه کڻڻ جو عمل آھستي ۽ لائو ٿي وڃي ٿو، مشڪون سيٽجي وڃن ٿيون، متاثر فرد بيھوش ٿي سگهي ٿو ۽ دل ڪم ڪرڻ بند ڪري سگهي ٿي. ھائپوٿرميا طبي ھنگامي حالت سمجهي وڃي ٿي جنھن لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو. ڪيترين حالتن ۾ ذاتي اُپائن وٺڻ سان ان کان بچي سگهجي ٿو جھڙوڪ: گرم پوشاڪ اوڍڻ ۽ ٿڌيءَ موسم ۾ ھلندو رھڻ يا چرپر ڪندو رھڻ.


Remember Me Also:

گلير

ث . ٻڪريءَ جي نِڙيءَ هيٺان ٻه چمڙي جون ڳلٽيون، لُڙڪا.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal