
Hypotension
ھاءِ.پو.ٽين.شن
گهٽ بِلڊ پريشر (blood pressure) لاءِ استعمال ٿيندڙ طبي اصطلاح. اھو ھڪ گهڻو عام قسم ٿئي ٿو جنھن کي پاسچورل ھائپوٽينشن (postural hypotension) به سڏجي ٿو جنھن جون نشانيون ھڪدم اٿي بيھڻ يا ويھڻ سان پيدا ٿين ٿيون. پاسچورل ھائپوٽينشن، اينٽي ڊپريسنٽ (antidepressant) دوائن يا اينٽي ھائپرٽينسو (antihypertensive) دوائن جو ھڪ اگرو اثر ٿي سگهي ٿو. ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ۾ مبتلا فرد به ان ۾ متاثر ٿي سگهن ٿا. اڪيوٽ ھائپوٽينشن سڪتي (shock) جي ھڪ نشاني ٿئي ٿي ۽ ڪنھن سنگين ضرب يا ڪنھن بيماريءَ جھڙوڪ: مايوڪارڊيئل انفاريڪشن (myocardial infarction) يا اَڊرينل فيلوئر (adrenal failure) سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. علاج، ڪارڻ آھر ڪجي ٿو. ڪنھن به سنگين بيماريءَ جي نه ھجڻ جي حالت ۾، لو بِلڊ پريشر، ڪارڊيوويسڪيولر ڊسئارڊر (cardiovascular disorders) ۽ اسٽروڪ (stroke) جي خطري سان گهٽ لاڳاپيل ٿئي ٿو. جنھن ھائپوٽينشن جون ڪي به نشانيون پيدا نه ٿين ان لاءِ علاج ڪرڻ جي ضرورت نٿي ٿئي.
ڀائوٻيج
هندن جو هڪ وڏو ڏينهن ڪَتِي مهيني جي چانڊوڪين راتين جي ٻِي تِٿ، جنهن تي پرڻيل ڀيڻون، ڀائرن جي ماني موڪلائين.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal