
Hypoparathyroidism
ھاءِ. پو. پيرا. ٿاءِ. روا. ئڊزم
پيراٿائروائڊ (parathyroid) غدودن جو پيراٿائروائڊ ھارمون (parathyroid hormone) گهٽ مقدار ۾ پيدا ڪرڻ. ھن ھارمون جي کوٽ سبب رت ۾ ڪيلشم گهٽ سطحن ۾ موجود ٿئي ٿي (hypocalcaemia). ھائپوپيراٿائروائڊزم جو گهڻو عام ڪارڻ جراحيءَ دوران پيراٿائروائڊ غدودن کي نقصان پھچڻ ٿئي ٿو. ورلي، ڄمندي ئي غدود موجود نٿا ھجن يا بنا ڪنھن ظاھري سبب جي ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏين ٿا. رت ۾ ڪيلشم گهٽ سطح ۾ ھجي ته ٽيٽيني (tetany) پيدا ڪري سگهي ٿي. ورلي، مرگهيءَ جي دورن جھڙا جهٽڪا (seizures) پئجي سگهن ٿا. بيماريءَ جي تشخيص رت جي تپاسن (blood tests) رستي ڪجي ٿي. ٽيٽيني جي دورن کي ختم ڪرڻ لاءِ نس ۾ آھستي آھستي ڪيلشم ھڻي سگهجي ٿي. رت ۾ ڪيلشم جي عام رواجي سطح برقرار رکڻ لاءِ سڄي عمر ڪيلشم ۽ وٽامن (vitamin D) ڊيءَ جون گوريون کائڻ ضروري ٿين ٿيون.
ناٿ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal