
Hypoglycaemia
ھاءِ.پو.گلاءِ.سي.ميا
رت ۾ غيرمعمولي طور تي گلوڪوس (glucose) جي سطح جو گهٽ ھجڻ. ڊائبيٽيز ميلائيٽس ((diabetes mellitus جي اٽڪل سڀني حالتن ۾ ھائپوگلائيسيميا واريون حالتون پيدا ٿين ٿيون، جنھن جو ڪارڻ لب لبه (pancreas) جو اِنسولن (insulin) پيدا ڪري نه سگهڻ جي نتيجي ۾ غيرمعمولي طور تي گلوڪوس جو وڌي وڃڻ ٿئي ٿو. رت ۾ گلوڪوس جي سطح گهٽائڻ لاءِ ھائپوگلائيسيمڪ (hypoglycaemic) دوائون يا اِنسولن ڏجي ٿي. ٻنھي مان ڪنھن جي به گهڻي وزن ڏيڻ سان، رت جي گلوڪوس جي سطح گهڻي گهٽجي وڃي ٿي. ھائپوگلائيسيميا، واري حالت تڏھن به پيدا ٿي سگهي ٿي جڏھن ذيابيطس جو مريض ڪنھن ويلي تي ماني نٿو کائي يا سخت ڪسرت ڪري ٿو. ورلي، ساڳي حالت تمام گهڻي الڪوحل پيئڻ سبب پيدا ٿئي ٿي يا لب لبه جي ڳوڙھيءَ مان اِنسولن جي پيدا ٿيڻ سبب. ھائپوگلائيسيميا جو مکيو نشانين ۾ پگهر، بک، غشي، ڏڪڻي، مٿي جو سور، دل جو دھڪو (palpitations)، وائڙائپ ۽ ورلي ٻٽي ديد پوڻ شامل ٿين ٿيون. شديد حالتن ۾ سڪتو (coma) طاري ٿي سگهي ٿو. ھائپوگلائيسيميا سبب جهٽڪا به پئجي سگهن ٿا ته نون ڄاول ابھمن جو سڀاءُ گهٻراھٽ وارو ٿي سگهي ٿو. ذيابيطس جي سڪتي جي پھرين نشاني ظاھر ٿيڻ سان کنڊ کائڻ گهرجي. ھنگامي حالتن ۾ گلوڪوس ڳار/ سوليوشن يا ھارمون گلوڪاگان (glucagon) جي ان جي ڪشن ھڻي سگهجي ٿي.
جڳياسي
اسم خاص. هندن جي هڪ ذات جو نالو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal