SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hyperuricaemia/lithaemia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hyperuricaemia
  • lithaemia
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hyperuricaemia/lithaemia

ھاءِ.پر.يور.ي.سي.ميا

پيشاب ۾ يورڪ ايسڊ (uric acid) جي سطح جو غيرمعمولي طور تي گهڻو ھجڻ. ھاپريوريسميا سبب ممڪن ٿئي ٿو ته، يورڪ ايسڊ جي قلِمن جي سنڌن ۾ ويھجڻ ڪري گائوٽ (gout) پيدا ٿي پوي ته بڪيءَ جون پٿريون (ڏسو، calculus, urinary tract) ۽ ٽوفس (tophus، ڪنھن سنڌ ۾ ڪيلشمي ذخيرو ٿيڻ) به پيدا ڪري سگهي ٿي. ھائپريوريسيميا، ميٽابولزم پيدائشي نقص سبب به پيدا ٿي سگهي ٿي (ڏسو، metabolism, inborn error of) ته ڪنھن بيماريءَ جھڙوڪ: ليوڪيما سبب سيلن جي تڪڙي تباھي به ان جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿي يا اھڙيون دوائون جھڙوڪ: ڊائيوريٽڪ (diuretic) جن ڪري بڪيون يورڪ ايسڊ جو اخراج گهٽائي ڇڏين ٿيون. غذا ۾ پيورين (purine)گهڻي مقدار ھجي ته ان سان به ھائپريوريسميا پيدا ٿي پوي ٿي.ڪي دوائون جھڙوڪ: ائلوپيورينول (allopurinol) يا سلفينپائرازون (sulfinpyrazone) مريض جي ڊگهيءَ عمر لاءِ تجويز ڪجن ٿيون. پيورين ڀريل غذائون کائڻ کان پرھيز ڪرڻ گهرجي.


Remember Me Also:

ڪوٻو

ذ. فرش کي سڌي ڪرڻ جو اوزار ، مِٽي ڀڃڻ ۽ سنوارڻ جو هڪ اوزار ، وٽو هَڙُ ، وٽوڙُ ، ڌَمَڪَ. انگ. ليوَلَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal