SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hypertension

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • haipətenʃən

From the Dictionary of Haematology:

Hypertension

هائپرٽينشن

شديد ڇڪ، ڪثير ڇڪ يا تاڻ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hypertension

ھاءِ.پر.ٽين.شن

رت جي دٻاءَ (blood pressure) جو سدائين وڌيل رھڻ اٽڪل 140 ايم ايم ايڇ جي (systolic) ۽ آرام واريءَ حالت ۾90 ايم ايم ايڇ جي (diastolic) ٿئي ٿو. ھائپرٽينشن خاص طور تي مردن ۾ گهڻو عام ٿئي ٿو ته وچولي عمر جا فرد ۽ پيرسن ان ۾ گهڻا مبتلا ٿين ٿا. عام طور تي ھائپرٽينشن جون نشانيون پيدا نٿيون ٿين پر ممڪن ٿئي ٿو ته ان جي شديد ٿيڻ جي حالت ۾ مٿي جو سور ۽ ديد جا مسئلا پيدا ٿي پون. ان سبب فالج (stroke)، ڪورونري آرٽري ڊيزيز (coronary artery disease) ۽ ھرٽ فيلوئر (heart failure) ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا ته اڳتي ھلي بڪيون ناڪاره ۽ ريٽينوپيٿِي (retinopathy) ٿي سگهي ٿي. ڪيترين حالتن ۾ ان جي پيدا ٿيڻ جو ڪو ظاھري ڪارڻ نه ھجي. ھائپرٽينشن سان لاڳاپيل پھلوئن ۾ الڪوحل جو گهڻو استعمال، کاڌي ۾ گهڻي لوڻ جو استعمال، ٿلهائپ، خاندان ۾ رھندڙ بيماريءَ جو سلسلو ، ويھڪ واري زندگي گذارڻ، گهڻي پريشاني ۽ تماڪ ڇڪڻ شامل ٿين ٿا. ان جي مخصوص ڪارڻن ۾ بڪين (kidney) جون مختلف بيماريون، اَڊرينل (adrenal) غدودن جون ڪي تڪليفون، پري ـ اِڪليمپسيا (pre-eclampsia)، ڪوئارڪٽيشن آف د ايئورٽيا (coarctation of the aorta) ۽ ڪن دوائن جو استعمال ڪرڻ ٿئي ٿو. گاڏڙ حمل روڪ گورين سان خطرو وڌي وڃي ٿو. معمولي کان وچٿري ھائپرٽينشن جي حالت ۾ جيڪڏھن ان جي اصلي ڪارڻ جي ڄاڻ پئجي نه سگهي ته زندگي جي طور طريقن ۾ ڪي تبديليون آڻڻ جي سفارش ڪجي ٿي مثال طور؛ باقاعدگيءَ سان ڪسرت ڪرڻ، وزن گهٽائڻ ۽ تماڪ ڇڪڻ کان پرھيز ڪرڻ. بايوفيڊبيڪ ٽريننگ (biofeedback training) ۽ رليڪسنگ طريقن سان بِلڊ پريشر گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. جيڪڏھن ذاتي اُپائن وٺڻ سان فرق پيدا نه ٿئي يا ھائپرٽينشن شديد ھجي ته اينٽي ھائپرٽينسِو (antihypertensive) جي ڪا ھڪ يا گاڏڙ دوائون کائي سگهجن ٿيون.


.


Other Phrases of Hypertension used in Daily life:

Remember Me Also:

سرڪيولر

ذ. [انگ. ]Circular سَرڪاري هدايت نامو ، گشتي حڪم. اشتهار ، پڌرنامو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal