
Hypersplenism
ھاءِ.پر.اِسپِلي.نِزم
تريءَ (spleen) جو حد کان وڌيڪ سرگرميءَ سبب ڪم ڪرڻ جيڪو رت جي بيماريءَ سان لاڳاپيل ٿئي ٿو. تريءَ جو ھڪڙو ڪم رت جي پراڻن ۽ چُڙندڙَن سيلن کي ٽوڙڻ ٿئي ٿو. حد کان وڌيڪ سرگرميءَ سان ڪم ڪندڙ تلي ممڪن ٿئي ٿو ته انڌاڌنڌ سيل تباه ڪري رت جي ڪنھن به قسم جي سيل جي کوٽ پيدا ڪري سگهي ٿي. گهڻين حالتن ۾ تري پاڻ به وڌي وڃي ٿي. ھائپراِسپلينزم پرائمري به ٿي سگهي ٿي جنھن جي پيدا ٿيڻ جو ڪو ڪارڻ نٿو ٿئي. جڏھن ته گهڻي عام طور تي سيڪنڊري ٿئي ٿي جنھن جو ڪارڻ ٻي ڪا بيماري ٿئي ٿي جنھن سبب تري وڌي وڃي ٿي جھڙوڪ: ھاجڪنس (Hodgkin’s) بيماري يا مليريا (malaria). ھائپراِسپلينزم سبب رت جي پوڻائي (anaemia) ۽ ٿرامبوسائيٽوپينيا (thrombocytopenia) ٿي پوي ٿي ۽ روڳ خلاف مزاحمت گهٽجي وڃي ٿي. پرائمري ھائپراِسپلينزم جو علاج اسپلِينيڪٽومِي (splenectomy، تري ڪڍي ڇڏڻ) ٿئي ٿو ته سيڪنڊري اسپلينزم جو علاج ان جو ڪارڻ ختم ڪرڻ ٿئي ٿو.
مخمل
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal