SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hypersensitivity

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • haipəsensətivitiː

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hypersensitivity

ھاءِ.پر.سينسِ.ٽوِٽي

اِميون سرشتي (immune system) جو ڪنھن اينٽيجن لاءِ شديد ردعمل. ھائپرسينسٽوٽي جا مکيا چار قسم ٿين ٿا: I قسم الرجيءَ (allergy) سان لاڳاپيل ٿئي ٿو. ڪنھن اينٽيجن سان پھريون ڀيرو وائکي ٿيڻ سان اينٽيباڊيون (antibodies) پيدا ٿي اھي سيلن کي مختلف ٽشوئن ۾ ڍڪي ڇڏين ٿيون جن کي ماسٽ سيل (mast cells) سڏجي ٿو. ٻئي ڀيري جي وائکي ٿيڻ سان اينٽيجين ۽ اينٽيباڊيون گڏجي ماسٽ سيلن کي ٽوڙي ڪيميائي مادا خارج ڪن ٿيون جنھن سبب سھڪي (asthma)، اَلرجيائي رانائيٽس (rhinitis)، ڏَڏر (urticaria)، انافيلائٽڪ شاڪ (anaphylactic shock) يا الرجيءَ جون ٻيون تڪليفون پيدا ٿين ٿيون. II قسم جي ردعمل ۾ جيڪي اينٽيباڊيون سيل جي مٿاڇرن تي اينٽيجينن سان ڳنڍجي پيدا ٿين ٿيون اھي ممڪن ٿئي ٿو ته سيلن کي تباه ڪن. II قسم جا ردعمل ممڪن ٿئي ٿو ته ڪن قسمن جا آٽواِميون نقص پيدا ڪري سگهن. III قسم جي ردعملن ۾ اينٽيباڊيون، اينٽيجينن سان ملي اھڙا پارٽيڪل ٺاھين ٿيون جن کي اِميون ڪامپليڪسز (immune complexes) سڏجي ٿو. اھي مختلف ٽشوئن ۾ ٿانيڪيون ٿي اِميون سرشتي جي موٽ کي وڌيڪ چست ڪري ٽشوئن کي نقصان پھچائين ٿيون. ھن قسم جو ردعمل سيرم سِڪنيسِ (serium sickness) ۽ ڦڦڙ جي الرجي؛ اَلويولائيٽس (alveolitis) پيدا ڪرڻ جو ذميوار ٿئي ٿو. IV قسم جي ردعملن ۾ حساسيل سينسيٽائيزڊ ٽي لِمفوسائيٽ ـ رت جي اڇن سيلن جو ھڪ ڪلاس (sensitized T-lymphocytes) اينٽيجينن سان ملي لِمفوڪائينيز (lymphokines) نالي ڪيميائي مادا خارج ڪن ٿا جيڪي سوزشي ردعمل کي تيز ڪن ٿا. 4 قسم جا ردعمل ڪانٽيڪٽ ڊرميٽائيٽس (contact dermatitis) ۽ ماتا/ ارڙي جي ٻُر (measles rash) پيدا ڪرڻ جا ذميوار ٿين ٿا ته اھي دوائن جي ”الرجيءَ“ جي ردعملن پيدا ڪرڻ ۾ به ھڪ حصو ٿين ٿا. ھائپرسينسيٽوٽي جي علاج جو مدار ان جي قسم، ڪارڻ ۽ شدت تي ٿئي ٿو. جڏھن به ممڪن ٿي سگهي ڪنھن به جارح اينٽيجين ۾ وائکي ٿيڻ کان پاسو ڪجي.


Remember Me Also:

ساڏو

ظرف. صفت. [سن. سَوادَ = ] سنئون ، سِڌو ، سنواٽو. سوادي ، مزيدار.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal