SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hyperparathyroidism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hyperparathyroidism
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hyperparathyroidism

ھاءِ. پر. پيرا. ٿاءِ. روائڊِزم

پيراٿائروائڊ (parathyroid) غدودن جو حد کان وڌيڪ مقدار ۾ پيراٿائروائڊ ھارمون پيدا ڪرڻ جنھن سان ھڏن مان ڪيلشم خارج ٿيڻ سبب رت ۾ ڪيلشيم جي سطح وڌي وڃي ٿي (hypercalcaemia). ان سبب ھڏن جو نقص جھڙوڪ: آسٽِيوپوروسس (osteoporosis) ٿي پوي ٿو. ڪيلشم جي سطح کي معمول تي آڻڻ لاءِ بڪيون گهڻي مقدار ۾ ڪيلشم پيشاب ۾ خارج ڪن ٿيون جنھن سبب بڪين جون پٿريون پيدا ٿي سگهن ٿيون (ڏسو، calculus, urinary tract). ھائپرپيراٿائروائڊزم جي پيدا ٿيڻ جو گهڻو عام ڪارڻ ھڪ اھڙي ننڍڙي اَڪينسري (noncancerous) ڳوڙھي ٿئي ٿي جيڪا ھڪ يا وڌيڪ پيراٿائروائڊ غدودن ۾ ٿي سگهي ٿي. اھي تڏھن به پيدا ٿي سگهن ٿيون جڏھن بنا ڪنھن سبب جي غدود وڏا ٿي وڃن ٿا. عام طور تي 40 سالن جي عمر کانپوءِ ۽ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ پيدا ٿين ٿيون.ھائپرپيراٿائروائڊزم ڊپريشن ۽ پيٽ جو سور پيدا ڪري سگهن ٿيون، جڏھن ته عام طور تي انھن جون رڳو نشانيون بڪين جو پٿريون ٿين ٿيون. ھائپرڪالسيميا (hypercalcaemia) شديد ھجي ته اوڪارا، ساڻائي، حد کان وڌيڪ پيشاب اچڻ، وائڙائپ ۽ مشڪن جي ڪمزوري ٿي سگهي ٿي. بيماريءَ جي تشخيص لاءِ ھٿن ۽ کوپريءَ جي ايڪسري (X-ray)، ڊيڪسا (DEXA) اسڪين ۽ رت جون تپاسون ڪجن ٿيون. عام طور تي غيرمعمولي پيراٿائروائڊ ٽشوئن کي آپريشن رستي خارج ڪرڻ سان حالت بھتر ٿئي ٿي. ان کانپوءِ جيڪڏھن باقي ٽشو ججها پيراٿائروائڊ ھارمون پيدا ڪري نٿا سگهن ته ھائپرپيراٿائروائڊزم جو علاج ڪرڻو پوي ٿو.


Remember Me Also:

نائب

نائِبُ جمع نائِبَ

ذ . قائم مقام، ڊپٽي، ايجنٽ، مددگار، منيم، ماتحت، اسسٽنٽ، واهرو، سهائڪ، همراهه، عيوضي. مختار. وڪيل. سفير. آسمان جو هڪ تارو. جو عهدو جنهن جي اڀرڻ سان ڪتيءَ جي پوک جو ٻج پوکجي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal