
Hyperlipidaemias
ھاءِ.پر.لپي.ڊي.مياس
ھڪ اھڙو ميٽابولي (metabolic) نقصَ جنھن ۾ رت ۾ لپڊس (lipids، سڻڀ) مٿاھين سطح ۾ موجود ٿئي ٿي. ھائپرلپيڊيمياس موروثي ٿي سگهن ٿا ته ڪنھن ٻئي نقص جھڙوڪ: ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus)، ھائپوٿائروائڊزم (hypothyroidism)، بڪين جي ناڪارپ (kidney failure) يا ڪشنگس سِنڊروم (Cushing’s syndrome) سان به لاڳاپيل ٿي سگهن ٿا. ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid) دوائن جي استعمال سان به پيدا ٿي سگهن ٿا. ھائپرلپيڊيميا اَٿيرواسڪليروسِس (atherosclerosis) ۽ ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease) پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.ھائپرلپيڊيميا جي نشانين جو مدار ان جي قسم سان لاڳاپيل ٿئي ٿو جن ۾ چمڙيءَ ۾ يا جوٽن تي وه جو ڳوڙھيون (fatty nodules) ۽ قرنيا (cornea) جي ڪناري چوگرد اڇي لائين موجود ٿين ٿيون. تشخيص رت جي تپاسن تي مدار رکي ٿي. علاج جو مقصد رت جي لپڊ جي سطح گهٽائڻ ٿئي ٿو جنھن لاءِ عام طور تي گهٽ سڻڀو کاڌو کائڻو ۽ لپڊ گهٽائيندڙ (lipid lowering) دوائون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون.
ڪتي ٻلي کان سوگهو هجڻ
سخت سنڀال ۾ هجڻ ، چوڪسي هيٺ رهڻ ، سخت نظرداري هيٺ هجڻ ، پهري هيٺ هجڻ. مخفي هجڻ ، لڪل هجڻ ، پوشيده هجڻ. قابو هجڻ ، سُڪ هجڻ ، سوگهو هجڻ ، مضبوط هجڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal