SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hydrogen Bomb

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • haidrədʒənbɔm

From the Dictionary of International Relations:

Hydrogen Bomb

هائيدروجن بام

هيڊروجن بم

دنيا ۽ فزڪس جي سائنس ۾ سڀ کان خطرناڪ هٿيار هائيڊروجن بم آهي. هن کي ”ٿرمو نيوڪليئر“ هٿيار به چون ٿا، جيڪو ائٽم بم کان وڌيڪ موت مار ۽ تباهي ڦهلائيندڙ آهي. سائنسي لحاظ کان ته هائيڊروجن بم 1942ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو، پر جڏهن عالمي سطح تي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي ته سوويت روس ۽ آمريڪا سڀ کان پهريان هي بم ٺاهيو ۽ وڌايو. هن بم جي ٺاهڻ جي سلسلي ۾ 1949ع ۾ سوويت روس ڪجهه تجربا به ڪيا، جن جي ڪري آمريڪا کي هن هٿيار جي اهميت جو اندازو ٿيو. آمريڪا جي اڳوڻي صدر، هيري ٽُرومن، آمريڪي سائنسدانن، بچاءَ جي وزارت، قومي سلامتيءَ جي اداري ۽ ٻين حڪومتي ادارن کان منظوري وٺي هائيڊروجن بم ٺاهڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيو. 1951ع کان 1952ع تائين آمريڪا هئڊورجن بم ٺاهڻ ۽ ان جو جديد نمونو پيدا ڪرڻ لاءِ تجربا ڪندو رهيو. 1952ع ۾ ”بڪني ٽيسٽ“ جي نالي سان ڪاميابي سان هائيڊروجن بم ٺاهڻ جو جيڪو تجربو ڪيو، ان آمريڪا کي دنيا جي اڳيان طاقتور ملڪ تسليم ڪرايو ۽ هائيڊروجن بم جي جديد ٽيڪنالاجيءَ جو مالڪ بڻايو. سُتت ئي روس پڻ 1953ع ۾ ساڳئي قسم جو ائٽم بم جوڙي ورتو


Remember Me Also:

پريوگ

ذ. [سن. پرَيوگ] ميلاپ. صورت. علم نحو موجب فعل جي اها تقسيم جنهن مان خبر پوي ته فعل، فاعل سان ٿو مٽجي يا مفعول سان يا ڪنهن سان به نه. جيڪڏهن فعل فاعل سان مٽجي ته ”ڪَرتري پريوگ“ چئبو، جيڪڏهن مفعول سان مٽجي ته ”ڪَرمَڻِي پريوگ“ ۽ جيڪڏهن نه فاعل سان ۽ نه مفعول

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal