SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hydrocephalus

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • haidrousefæləs

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hydrocephalus

ھاءِ.ڊرو.سيفي.لس

عام طور تي، کوپريءَ ۾ سيريبرواسپائينل (cerebrospinal) پاڻيٺ جو حد کان وڌيڪ مقدار جو وڌيل دٻاءَ سان ھجڻ. ڄمڻ وقت اھا حالت ٻين نقصن جھڙوڪ: اِسپِينا بفيڊا (spina bifida) سان گڏ موجود ٿي سگهي ٿي يا مٿي جي وڏيءَ ضرب، دماغ ۾ رتھير ٿيڻ (haemorrhage)، روڳ (جھڙوڪ: meningitis) يا ڪنھن ڳوڙھيءَ سبب پيدا ٿي سگهي ٿي. پيدائشي (congenital) ھيڊروسِيفيلَس جي حالت ۾ ان جي مکيو نشاني مٿي جو وڏو ھجڻ ٿئي ٿو جيڪو لاڳيتو تيزيءَ سان واڌ ڪندو رھي ٿو، ٻيون نشانيون ٽنگن جي سختي، الٽي، مرگهي (epilepsy)، توائي، سستي ۽ عام رواجي رفليڪس ايڪشنن (reflex actions) جو نه ھجڻ ٿئي ٿو. جيڪڏھن علاج نه ڪجي ته ھيڊروسِيفيلَس بدتر ٿي دماغ کي شديد نقصان پھچائي ٿو جنھن سبب ھفتن اندر موت اچي سگهي ٿو. جيڪڏھن اھا حالت زندگيءَ ۾ اڳتي ھلي پيدا ٿئي ته ان جون نشانيون مٿي جو سور، الٽي، ربط جي کوٽ ۽ دماغي ڪم جو بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. ڪيترين حالتن ۾ ھيڊروسِيفيلَس جو علاج دماغ مان پاڻيٺ کي جسم جي ٻين حصن جھڙوڪ: پيٽ ڏانھن وھائڻ ٿئي ٿو جتي اھو جذب ٿي وڃي ٿو.


Remember Me Also:

ڦلهير

ث. رک ، ڇار ، ڪيري ، خاڪ ، ڦلهيار. ڌوڙ ، مِٽِي ، ڇائي. صفت. بيڪار ، خراب ، نڪمو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal