
Hydatidiform mole
ھاءِ.ڊي.ٽِڊ .فارم ـ مول
ھڪ ورلي ٿيندڙ اَڪينسري (noncancerous) ڳوڙھي جيڪا حمل جي اوائل ۾ اؤر جي انھن ٽشوئن مان پيدا ٿئي ٿي جن مان ٻچو واڌ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو. مول، جيڪو ڏسڻ ۾ انگورن جي ڇڳن جيان اچي ٿو، ڪوريانڪ وِليءَ (chorionic villi) جي بگاڙ سبب پيدا ٿئي ٿو. جڏھن ته بگاڙ پيدا ٿيڻ جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. اھڙين متاثر ٿيندڙ ڪجهه حملن ۾ مول ڪورِيوڪارسينوما (choriocarcinoma) ۾ واڌ ڪري ٿو. گرڀ ناليءَ مان رت اچي ٿي ۽ شديد اُڊيڙ (morning sickness) ٿي پون ٿا. الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) مان ڳوڙھيءَ ھجڻ جي ڄاڻ پوي ٿي. پيشاب ۽ رت جي تپاسن مان حد کان وڌيڪ ھيومن ڪوريانڪ گونوڊاٽروفن (ڏسو، gonadotrophin, human chorionic) ھجڻ جي ڄاڻ پوي ٿي جيڪو ڳوڙھيءَ سبب پيدا ٿئي ٿو. ڳوڙھيءَ کي ڊوھي، ڊِي اينڊ سيءَ (D&C) يا گهٽ عام طريقي ھسٽيريڪٽومِيءَ (hysterectomy) رستي ڪڍي سگهجي ٿو. جن عورتن کي ھائڊيٽِڊيفارم مول ھجي تن کي گهرجي ته اڳتي لاءِ تپاسون ڪرائينديون پيدا ٿيندڙ ڪنھن به ڪينسريائي تبديليءَ جي وقت سر ڄاڻ رکن.
ڌوڏو
ذ. لوڏو ، ڌِڏِڪو ، جهوٻو ، ڇِلڪو ، ڌِڪو ، ٿيلهو ، لِچڪو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal