SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hydatid disease

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hydatid
  • diziːz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hydatid disease

hydatidosis, echinococciasis, echinococcosis

(ھاءِ.ڊي.ٽڊ ـ ڊزيز)


Hydatid disease

ھاءِ.ڊي.ٽِڊ ـ ڊِزيز

ھڪ اھڙي ورلي ٿيندڙ بيماري جيڪا ھڪ ننڍڙي ٽيپ ورم (tapeworm) جي لارويءَ سبب ٿي پوي ٿي (ڏسو، tapeworm infestation). لاروي گهڻي ڀاڱي جيري، ڦڦڙن يا مشڪن ۾ ديرو ڄمائي سِسٽون (cysts) پيدا ڪري ٿي. ورلي، دماغ به متاثر ڪري سگهي ٿي. ھن ڪينئين جو روڳ عام طور تي ڪتن ۽ رڍن تائين محدود رھي ٿو ته اتفاقاً ڪتن جي ڪرفتيءَ رستي غليظ ٿيل مادا جن ۾ ڪينئن جا آنا موجود ھجن انسانن ۾ منتقل ٿي سگهن ٿا. سِسٽون آھستي آھستي واڌ ڪن ٿيون ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته انھن جون نشانيون ڪجهه سالن تائين پيدا ٿي نه سگهن. گهڻين حالتن ۾ انھن جون نشانيون پيدا نٿيون ٿين. جيري جون سِسٽون ڪونئريون ڳوڙھيون پيدا ڪري يا پتي جي نالي کي ٻنجي يرقان پيدا ڪري سگهن ٿيون. ڦڦڙن واريون سِسٽون ھوا لنگهه تي دٻاءُ وجهي سوزش پيدا ڪري سگهن ٿيون، ڦڦڙ جي ڪنھن سِسٽ جي ڦاٽڻ سبب ڇاتيءَ جو سور پيدا ٿي سگهي ٿو، کنگهڻ سان رت اچي سگهي ٿي ۽ کرٽيو (wheezing) پيدا ڪري سگهي ٿي. سِسٽون دماغ ۾ موجود ھجن ته جهٽڪا (seizures) پيدا ڪري سگهن ٿيون. ڦسي پيل سسٽون ورلي اينافائيليٽڪ شاڪ (anaphylactic shock) پيدا ڪري سگهن ٿيون جيڪو موتمار ٿي سگهي ٿو. ھائيڊيٽِڊ بيماريءَ جي تشخيص سي ٽي اسڪيننگ يا ايم آر آءِ (CT scanning or MRI) رستي ڪجي ٿي. عام طور تي سسٽون ڪڍيون يا آپريشن رستي نيڪال ڪجن ٿيون.


Remember Me Also:

کرو

ذ . پاڪي ، اُسترو، بليڊ. صفت. مُڙيل کڙيءَ وارو، منڊڪائي هلندڙ ، پيرن کان ٽُنڊو يا مَنڊو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal