SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hormone replacement therapy/HRT

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hɔːməniː
  • ripleismənt
  • θerəpiː
  • hrt
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hormone replacement therapy/HRT

ھار.مون ـ ري.پليس.مينٽ ـ ٿراپي/ ايڇ.آر.ٽي

مصنوعي يا قدرتي ھارمون رستي ڪنھن ھارمون جي کوٽ پوري ڪرڻ.ڪيترن عام ايڇ آر ٽيءَ مان مطلب انھن زنانن ھارمون جي استعمال رستي تڪليفون گهٽائڻ ٿئي ٿو جيڪي سنڍائپ (menopause) سان لاڳاپيل ٿين ٿيون جھڙوڪ: ھاٽ فلشز (hot flushes) ۽ گرڀ ناليءَ (vaginal dryness) جي خشڪي. ان لاءِ عام طور تي ايسٽروجن (oestrogen) دوا سان گڏ ڪا پروجيسٽوجن (progesteron) استعمال ڪجي ٿي. اھي ھارمون وات رستي استعمال ڪري سگهجن ٿا ته ڪنھن اِمپلانٽ (implant)، چمڙيءَ جي پيچ (patch)، جيل (jel)، نڪ جي ڦوھاري، آءِ يو ايس (IUS) يا ويجائنل رنگ (vaginal ring) رستي رت جي وھڪري ۾ به خارج ڪري سگهجن ٿا. سنڍجڻ جي تڪليفن لاءِ ايڇ آر ٽي رڳو مختصر عرصي لاءِ سنڍجڻ دوران استعمال ڪرائجن ٿا. عام طور تي سنڍجڻ جي تڪليفن لاءِ ڊگهي عرصي لاءِ استعمال نٿا ڪرائجن ۽ نه ئي آسٽيوپوريسِس (osteoporosis) جي علاج لاءِ ڏجن ٿا. ڇاڪاڻ ته ايڇ آر ٽي سبب ڇاتين جي ڪينسر (breast cancer)، ٿرامبوايمبولزم (thromboembolism) ۽ اسٽروڪ (stroke) پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو ته ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease) ٿيڻ جو خطرو به وڌائي ڇڏين ٿا. ايڇ آر ٽيءَ جي معمولي اُگرن اثرن ۾ اوڪارا، ڇاتين جو ڏکڻو ٿي پوڻ، پاڻي گڏ ٿيڻ ۽ ٽنگن جو ڳڍڙيون شامل ٿين ٿيون.


Remember Me Also:

هڱورجاڻي

هِڱورِجاڻِي

اسم خاص. ضلعي حيدرآباد ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal