SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hodgkin’s disease

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hodgkin’s
  • diziːz
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Hodgkin’s disease

هاجڪنس ڊزيز

لمفوما جي وڌڻ ڪري پيدا ٿيل خاص بيماري جو قسم A major form of malignant lymphoma


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hodgkin’s disease

ھاج.ڪِنس ـ ڊزيز

ھڪ ورلي ٿيندڙ ڪينسري بيماري جنھن ۾ لِمفَوائڊي سيلن (عام طور تي لِمف نوڊن ۽ تريءَ ۾ ٿين ٿا) ۾ واڌ ٿئي ٿي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. ان جي ھڪ گهڻي عام نشاني لِمف نوڊن جي خاص طور تي ڳچيءَ ۽ ڪڇن وارن جي بنا سور جي واڌ ڪرڻ ٿئي ٿي. بيمار ھجڻ جو ھڪ عام احساس پيدا ٿي سگهي ٿو جنھن سان گڏ بخار، وزن جي گهٽتائي ۽ رات جو پگهر اچي سگهن ٿا. ممڪن ٿئي ٿو ته عام خارس ٿي پوي. بيماريءَ جي واڌ ڪرڻ سان اِميون (immune) سرشتو ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو ۽ معمولي روڳن سبب موتمار پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ھاجڪنس بيماريءَ جي تشخيص جو مدار بايوپسي رستي متاثر ٽشوءَ جي سڃاڻپ آھر ڪجي ٿو. بيماريءَ جي وگهر ڇاتيءَ جي ايڪسري (X-ray)، پيٽ جي سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning) يا ايم آر آءِ (MRI)، ھڏي جي مک ۽ جيري جي بايوپسي (biopsy) رستي ڪجي ٿي. بيماري ڪنھن مقامي ھنڌ تي ننڍڙيءَ حد تائين محدود ھجي ٿي ته عام طور تي ريڊيوٿراپي (radiotherapy) ڪامياب ٿئي ٿي. جيڪڏھن بيماري پکڙجي گهڻا عضوا متاثر ڪري چڪي ھجي ته ڊگهي عرصي تائين اينٽي ڪينسر (anticancer) دوائن رستي علاج ڪرڻو پوي ٿو (وڌيڪ ڏسو، lymphoma, non-Hodgkin’s).


Remember Me Also:

هبي تبي ڪرڻ

هَبي تبي ڪَرڻُ (ت)

اهڙو تهڙو ڪرڻ، بي عزت ڪرڻ، جهڻڪ ڏيڻ، گهٽ وڌ ڳالهائڻ، ذليل ڪرڻ، بي مانو ڪرڻ، هاها ڪرڻ، ڪاوڙ ڪرڻ. تڙائڻ، پاسي ڪرڻ، لوڌائڻ. پريشان ڪرڻ، منجهائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal