
آواز جو گهٽجڻ يا گهگهو ٿيڻ
Hoarseness
ھورسِ.نيس
کھرو، گهگهو يا ڪرڪندڙ آواز. عام طور تي عارضي گهگهو آواز حد کان وڌيڪ ڳالهائڻ سبب پيدا ٿئي ٿو جنھن سبب گلي (larynx) جون مشڪون تاڻجي وڃن ٿيون. ان جو ٻيو عام ڪارڻ شديد ليرنجائِٽس (laryngitis) سبب آوازي ڏورين (vocal cords) جي سوزش به ٿئي ٿي. سدائين رھندڙ گهگهائپ، گلي جي پراڻي سوزش سبب به ٿي سگهي ٿي جيڪا تماڪ ڇڪڻ، الڪوحل حد کان وڌيڪ واپرائڻ، پراڻي برنڪائيٽس يا ناسن مان مسلسل وھندڙ بلغم سبب ٿي سگهي ٿي. آوازي ڏورين تي نڪرا (polyps، اڀريل ماس) موجود ھجن ته اھي به گهگهائپ پيدا ڪري سگهن ٿا. جن فردن ۾ ھائپوٿائِرواڊزم (hypothyroidism) ٿئي ٿي تن جي آوازي ڏورين تي ٽشو (ماس) پيدا ٿيڻ سبب گهگهائپ پيدا ٿي سگهي ٿي. ننڍن ٻالڪن ۾ خُروسَڪ/ ساه جي مونجهه ۽ کنگهه (croup) جي نشاني ٿي سگهي ٿي. ورلي، وڏن ۾ آواز جو دائمي ويھجي وڃڻ جو ڪارڻ گهڻو سنجيده مسئلو ٿئي ٿو جھڙوڪ: گلي جي ڪينسر (ڏسو، larynx, cancer of, or lung cancer)، ٿائروائڊ (thyroid) جي ڪينسر يا ڦڦڙ (lung) جي ڪينسر. آرام ڪرڻ سان (آوازي ڏورين جي نه استعمال ڪرڻ سان) ليرنجائِٽس تان دٻاءُ گهٽجڻ يا ان سان لاڳاپيل مسئلا گهٽجڻ ۾ مدد ملي ٿي. جيڪڏھن 2 ھفتن کان وڌيڪ عرصي تائين آواز گهگهو رھي ته ڊاڪٽر سان ملڻ گهرجي. ممڪن ٿئي ٿو ته ليرنجواسڪوپي (laryngoscopy) رستي تپاس ڪري ڪنھن سنگين مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي.
ڇٻرو
ذ. هڪ قسم جو ٽوڪرو ، ڇَٻو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal