
Histocompatibility antigens
ھس.ٽو.ڪم.پَيٽَ. بِلٽي ـ اينٽي.جينس
پروٽينن جو ھڪ گروپ جنھن جو اِميون سرشتي (immune system) ۾ ھڪ ڪردار ھجي ٿو. ڪن قسمن جون ھسٽوڪامپيٽيبِلٽي اينٽيجين، ڪِلر ٽِي (T) سيلن (ڏسو، lymphocytes) جي اِميونالاجيڪل فنڪشن لاءِ ضروري ٿين ٿيون (ڏسو، lymphocytec). اينٽيجينون (antigens)، خوني ٽِي سيلن کي سڃاڻڻ ۽ غيرمعمولي يا ڌارين سيلن کي مارڻ لاءِ سونھين طور ڪم ڪن ٿيون. ھسٽوڪامپيٽيبلٽي اينٽيجنن جو مکيو گروپ ھيومن ليوڪوسائيٽ اينٽِيجين (human leukocyte antigen) سسٽم ٿئي ٿو جنھن ۾ اينٽِيجينن جا ڪيترا سلسلا ٿين ٿا. ڪنھن فرد جو ٽشو ٽائيپ (جسم جي ٽشوئن ۾ ايڇ ايل اي جو مخصوص سيٽ) انوکو ٿئي ٿو سواءِ سُجاڙن (identical twins) جي، جن ۾ ساڳيو سيٽ ٿئي ٿو. ايڇ ايل اي اينالائيسز جون ڪي ڪارائتيون ايپليڪيشن ٿين ٿيون. ايڇ ايل اي قسمن جي ڀيٽ ڪرڻ سان ممڪن ٿئي ٿو ته ان مان ٻن ماڻھن جي پاڻ ۾ لاڳاپل ھجڻ جي ڄاڻ پوي ۽ اھا تپاس پيٽرنٽِي ٽيسٽنگ (paternity testing) ۾ استعمال ڪئي ويئي آھي. ايڇ ايل اي سسٽم ٽشو ٽائيپنگ (tissue-typing) ۾ به استعمال ڪئي ويئي آھي ته جيئن ٽرانسپلانٽ سرجري (transplant surgery) ڪرڻ کان اڳ ۾ عطيو وٺندڙ ۽ ڏيندڙ جا ٽشو پاڻ ۾ ميل (match) ڪرائي ڏسجن. ڪن قسمن جا ايڇ ايل اي ٽائيپ ڪن فردن ۾ مخصوص بيمارين ۾ گهڻا عام ٿين ٿا جھڙوڪ: ڊائبِيٽيز ميلائيٽس ٽائيپ1 (diabetes mellitus type1)، سيليئڪ (coeliac) بيماري ۽ اينڪائيلوزنگ اسپنڊِيلائيٽس (ankylosing spondtlitis). ايڇ ايل اي تپاس سان اھڙين بيمارين ھجڻ جي پڪ ۽ پيدا ٿيڻ جي خطري ۾ رھندڙ ماڻھن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.