
Herpes zoster
ھر.پيزـ زوسٽر
انھن تنتن (nerves) جو روڳ جيڪي چمڙيءَ جي ڪن حصن کي مھيا ٿين ٿيون ۽ تڪليف ده ڊٻڙن/ ريش جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿيون جن کي شنگلس (shingles) جي نالي سان به سڏجي ٿو، ھرپيز زوسٽر خاص طور تي پيرسنن ۾ عام ٿي پوي ٿي. عام طور تي رڳو جسم جي ھڪ حصي کي متاثر ڪري ٿي. ورلي جڏھن منھن ۽ اک متاثر ڪري وجهي ٿي تڏھن ھرپيز زوسٽر آفٿيلِميڪس (herpes zoster ophthalmicus) نالي سان سڏجي ٿي. ھرپيز زوسٽر، ويريسيلا ـ زوسٽر (varicella-zoster) وائرس سبب ٿي پوي ٿي جيڪو لاکڙو (chickenpox) به پيدا ڪري ٿو. لاکڙي جي حملي کانپوءِ ڪجهه وائرس زنده بچي وڃن ٿا ۽ ڪيترن سالن تائين ڇپ رھن ٿا. ڪن ماڻھن ۾ اِميون سرشتي (immune system) جي طاقت گهٽجڻ سان خاص طور تي پيرسنيءَ ۾ يا بيماريءَ سبب، وائرس وري ڪرُ کڻي ھرپيز زوسٽر پيدا ڪري ٿو. ھرپيز زوسٽر انھن فردن ۾ به عام ٿئي ٿو جن جو اِميون سرشتو دٻاءَ يا ڪن دوائن جھڙوڪ: ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid) يا اينٽي ڪينسر (anticancer) دوائن سبب ھيڻو ٿي ويل ھجي ٿو. جڏھن ته گهڻين حالتن ۾ ھرپيز زوسٽر جو حملو بظاھر ڪنھن به ڪارڻ بنا ٿئي ٿو. ھرپيز زوسٽر جي پھرين نشاني چمڙيءَ جي گهڻي حساسيت ٿئي ٿي جنھن کانپوءِ سور پيدا ٿئي ٿو. اٽڪل 5 ڏينھن کانپوءِ ڊٻڙ ننڍڙن اڀارن، ڳاڙھن نشانن ۾ ظاھر ٿي جلد ئي ڦلوڪڻن ۾ مٽجي، سُڪي، ڇلهر پيدا ڪن ٿا جيڪي لهي وڃن ٿا ته ورلي ننڍڙا چُگهر نشان ڇڏي وڃن ٿا. ھرپيز زوسٽر جي گهڻي سنگين نشاني تنتن جي حملي کانپوءِ انھن کي پھچندڙ نقصان سبب سور ٿئي ٿو (postherpetic pain) جيڪو مھينن يا سالن تائين به ھلي سگهي ٿو. ھرپيز زوسٽر آفٿيلِميڪس قرنيائي السر (corneal ulcer) يا يوويئائيٽس (uveitis) پيدا ڪري سگهي ٿو. جيڪڏھن ڊٻڙ پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ يا ان کان ستت پوءِ علاج شروع ڪجي ته اينٽي وارل (antiviral) دوائون جھڙوڪ: ايسيڪلووير (aciclovir) تڪليفن جي شدت گهٽائين ٿيون ۽ تنتن کي گهٽ ۾گهٽ نقصان رسي ٿو. اينلجيسڪ (analgesic) دوائون به مددگار ٿي سگهن ٿيون.
مشغولي
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal