SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Herpes simplex

(click word to listen sound
  • 🔊
  • həps
  • simpleks
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Herpes simplex

ھر.پيز ـ سِم.پِليڪس

عام طور تي ٿيندڙ ھڪ وائرسي روڳ جنھن ۾ ننڍڙا، پاڻيٺ ڀريل ڦلوڪڻا ٿي پون ٿا، ھرپيز سِمپليڪس ھڪ وچڙندڙ بيماري ٿئي ٿي ۽ عام طور سڌي لاڳاپي سان پکڙجي ٿي. ھن وائرس جا ٻه قسم ٿين ٿا: ھرپيز سمپليڪس وائرس ٽائيپ 1 (herpes simplex virus, type 1/HSV1 ) ۽ ھرپيز سمپليڪس وائرس ٽائيپ2 (herpes simplex viris, type 2/HSV2). گهڻا ماڻھو زندگيءَ ۾ ڪڏھن نه ڪڏھن، عام طور تي ٻالڪپڻي ۾ ايڇ ايس وي 1 ۾ مبتلا ٿين ٿا. شروعاتي حالتن ۾ ممڪن ٿئي ٿو ته ھن روڳ جون ڪي نشانيون پيدا نه ٿين يا ممڪن ٿئي ٿو ته فلوءَ جھڙي بيماري پيدا ڪري وجهي ته ان سان وات جي گهڻي عام رواجي السر به پيدا ٿي پوي ٿي. ان کانپوءِ وائرس منھن جي تنتي سيلن (nerve cells) ۾ ڇپ ھڻي ڇڏي ٿو. گهڻن ماڻھن ۾ وائرس وقت به وقت چست ٿي ڪولڊ سورسِ (cold sores) پيدا ڪري وجهي ٿو. ورلي، وائرس آڱرين کي روڳي تڪليف ده ڦاٽ (eruption) پيدا ڪري وجهي ٿو جنھن کي ھرپيٽڪ وائيٽِلو (herpetic whitlow) سڏجي ٿو. ايڇ ايس وي1، انھن فردن ۾ جيڪي اڳ ۾ چمڙيءَ جي ڪنھن تڪليف جھڙوڪ: مَلي (eczema) ۾ مبتلا ھجن ٿا تن ۾ اِڪزيما ھرپِيٽيڪم (eczema herpeticum) به پيدا ڪري سگهي ٿو (چمڙيءَ جا ڳاڙھا وسيع انداز ۾ پکڙيل ڦلوڪڻا). اِڪزيما ھرپِيٽيڪم جي حالت ۾ ممڪن ٿئي ٿو ته اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پوي. جيڪڏھن وائرس اک تائين پھچي وڃي ته اکين جو اٿڻ (conjunctivitis) يا قرنيائي اَلسر (corneal ulcer) به پيدا ڪري سگهي ٿو. ورلي، ايڇ ايس وي 1 دماغ تائين پھچي اِنسيفيلائيٽس (encephalitis) پيدا ڪري وجهي ٿو. جيڪو فرد، اِميونوڊِيفيشنسي ڊسئارڊر (immunodeficiency disorder) يا اِميونوسَپريسنٽ (immunosuppressant) دوائون کائيندڙ ھجي انھن ۾ عام طور تي موتمار روڳ پيدا ڪري سگهي ٿو. ايڇ ايس وي 2 جنسي وچڙندڙ جينائيٽل ھرپيز جو عام ڪارڻ ٿئي ٿو (ڏسو، herpes, genital). ھرپيز سِمپليڪس جي علاج جو مدار ان جي قسم، ھنڌ ۽ شدت آھر ڪجي ٿو. اينٽي وائرل دوائون جھڙوڪ: ايسِيڪلووير (aciclovir) خاص طور جيڪڏھن روڳ جي اوائل ۾ استعمال ڪجن ته فائديمند ٿي سگهن ٿيون.


.


Other Phrases of Herpes simplex used in Daily life:

Remember Me Also:

ڳاهويا

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal