SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Herpes genital

(click word to listen sound
  • 🔊
  • həps
  • dʒenitl
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Herpes genital

ھر.پيز ـ جَي.ناءِ.ٽي.لس

ھڪ جنسي وچڙندڙ بيماري (sexually transmitted infection) جنھن جو ڪارڻ ھرپيس سمپليڪس وائرس (herpes simplex virus) ايڇ ايس وي2 (HSV2) ٿئي ٿو. انڪيوبيشن پيرڊ اٽڪل ھڪ ھفتو ٿئي ٿو ان کانپوءِ جيڪي نشانيون پيدا ڪري ٿي انھن ۾ جنسي حصن تي سور، ساڙو، خارس ۽ ننڍڙا ڦلوڪڻا پيدا ڪري ٿي. واتوڻي سيڪس (oral sex) سبب وات ۾ ڦلوڪڻا پيدا ٿي سگهن ٿا جيڪي ڦاٽي ننڍڙيون پيڙاڪن السرون پيدا ڪن ٿا جيڪي 10 کان 21 ڏينھن ۾ ڇٽي وڃن ٿا. چڏن جا لمف نوڊ (lymph nodes) سڄي تڪليف ده ٿي پون ٿا ۽ متاثر فرد کي مٿي جو سور ۽ بخار ٿي سگهي ٿو. جڏھن ته ڪن متاثر فردن کي ظاھراً ڪي به نشانيون يا علامتون ظاھر نٿيون ٿين. جينائيٽيل ھرپيس جو علاج ڪونھي پر دوائن رستي تڪليفن جي شدت گهٽائي سگهجي ٿي. اينٽي وائرل دوائون (antiviral drugs) جھڙوڪ: ايسيڪلووير (aciclovir) سان السر گهٽ پيڙاڪن ٿي پوي ٿي ۽ ڇٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي. اھڙا ٻيا اپاءَ انلجيسڪ دوائون (analgesic drugs) ۽ لوڻ جي ڳار واري پاڻيءَ سان وھنجڻ ٿئي ٿو.ھي وائرس جسم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ متاثر فرد جي جسم ۾ سـڄي حياتي موجود رھي ٿو، وائرس جا خاص طور تي بار بار حملا ان عرصي دوران ٿي سگهن ٿا جڏھن متاثر فرد اگهو، پريشان يا اداس رھي ٿو يا ھم بستري ڪرڻ کانپوءِ. جنسي عمل رستي (واتوڻي سيڪس سميت) وائرس ٻين فردن ۾ وچڙي سگهي ٿو پوءِ ڀلي ته بيماريءَ جون نشانيون ظاھر نه به ٿيندڙ ھجن. وقت گذرڻ سان گڏ اٿلي پوندڙ حملا گهٽ ۽ گهٽ شدت وارا ٿين ٿا تنھنڪري حامله عورت مان بيماريءَ جي منتقل ٿيڻ واري خطري کي گهٽائڻ لاءِ اينٽي وائرل دوائون تجويز ڪري سگهجن ٿيون ته ابھم سيزيريئن سيڪشن (caesarean section) رستي ڄڻائي سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

جاڙيون

اسم خاص. ٺل، ٽنڊو الهيار ۽ گهوڙاٻاري تعلقن ۾ ديهن جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal