
Herpes, genital
ھر.پيزـ جَين.ي.ٽل
ھڪ جنسي وچڙندڙ روڳ (sexually transmitted infection) جيڪو ھڪ قسم جي ھرپيز سِمپليڪس (herpes simplex) وائرس سبب ٿي پوي ٿو جيڪو HSV2 نالي سان مشھور آھي. ان جي اٽڪل ھڪ ھفتي جي انڪيوبيشن پيرڊ (نسرڻ جي عرصي) کانپوءِ وائرس جنسي حصن تي سور، ساڙو، خارس ۽ ننڍڙا ڦلوڪڻا پيدا ڪري سگهي ٿو. واتوڻي فعل (oral sex) سبب وات ۾ ڦلوڪڻا پيدا ٿي سگهن ٿا. ڦلوڪڻا ڦاٽي السر جا ننڍڙا تڪليف ڏيندڙ ڦٽ پيدا ڪن ٿا جيڪي 10 کان 21 ڏينھن اندر ڇٽي سگهن ٿا. چڏي جون ويلڻون (lymph nodes) سڄي، سور پيدا ڪري سگهن ٿا (ويلڻ اٿلي پون ٿا) ۽ مٿي جو سور ۽ بخار ٿي سگهي ٿو. جڏھن ته ڪن فردن ۾ ظاھري طور تي ڪي به نشانيون پيدا ٿي نه به سگهن ٿيون. جينائيٽل ھرپيز ڇٽي نٿي سگهي جڏھن ته علاج رستي تڪليف جي شدت گهٽائي سگهجي ٿي. اينٽيوائرل (antiviral) دوائون جھڙوڪ: ايسيڪلووير (aciclovir) السر جي تڪليف گهٽائي ۽ ڇٽڻ جي عمل کي تيز ڪري سگهن ٿيون. ٻين اپائن ۾ اينلجيسڪ (analgesic) دوائون کائڻ ۽ لوڻ جي پاڻيءَ ۾ وھنجڻ ٿئي ٿو.
مٿو ٽيڪڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal