
چن چڪي، کيسن جي بيماري
هرنيا
هرنيا، ڇنُ، ڇڪي، آنڊو لهڻ
ڇن
ڇِنَ،ڇِنُ (ڇڪيِ)
Hernia
ھر.نِ.يا
ڇن، ڇن ڇڪي، ڪنھن عضوي يا ٽشوءَ جو مشڪ جي ڪنھن ڪمزور حصي يا ڪنھن ٻئي ٽشوءَ مان جنھن ۾ اھو عام طور تي موجود ھجي نڪري پوڻ. عام طور تي ھن اصطلاح مان مراد آنڊي جو پيٽ جي ڀت مان نڪري پوڻ ٿئي ٿو. ھياٽس ھرنيا (hiatus hernia) ۾ معدو پيٽ ڇھه (diaphragm) مان ڇاتيءَ ۾ نڪري پوي ٿو. عام طور تي پيٽ جون ھرنيا پيٽ جي ڀتين ۾ پيدائشي ڪمزوريءَ سبب ٿين ٿيون ھجن ٿيون. ھرنيا، ڳورن جسمن يا شين کڻڻ، مسلسل رھندڙ کنگهه يا پيٽان ويھڻ لاءِ زور لڳائڻ يا آپريشن کانپوءِ ٿي سگهي ٿي. ھرنيا جا ڪيترا قسم ٿين ٿا جن جي درجيبندي جسم جي حصي آھر ڪجي ٿي. ھرنيا جا گهڻا اھم قسم انگيونل ھيرنيا (inguinal hernia) جا ٿين ٿا جيڪي گهڻي ڀاڱي مردن کي متاثر ڪن ٿا. فيمورل ھرنيا (femoral hernia) انھن عورتن ۾ عام ٿئي ٿي جيڪي گهڻيون وزندار ٿين ٿيون ته امبِليڪل ھرنيا (umbilical hernia) ابھمن ۾ عام ٿين ٿيون. عام طور تي ايبڊامنل ھرنيا جي پھرين نشاني پيٽ جي ڀت ۾ ھڪ ڳوڙھي جو ھجڻ ٿئي ٿو. ان سان گڏ پيٽ جو اَھنج به ٿي پوي ٿو. ورلي، ٻاھر نڪتل آنڊي کي پنھنجيءَ ھنڌ ٿي واپس ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ھرنيا ٻاھر نڪري پوي ٿي ۽ واپس وڃي نٿي سگهي ته شديد سور پيدا ڪري سگهي ٿي تڏھن عام طور تي آپريشن ڪرڻي پوي ٿي (ڏسو، hernia repair). آنڊي جي ڪنھن وڪڙ ۽ ڦاٿل ھجڻ سبب رت جي رسد متاثر ٿي پوي ٿي ته آنڊو ڪمزور ٿي (ھڪ قسم جي strangulated hernia) آنڊي جي گينگرين (gangrene) پيدا ٿي سگهي ٿي. اِسٽرينگيوليٽيد ھرنيا جي حالت ۾ ترت علاج جي ضرورت پوي ٿي. عام طور تي ٻارن جون اِمبلڪل ھرنيائون بنا علاج ڇڏي ڏجن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اھي، قدرتي طور تي 5 سالن جي عمر تائين پاڻھي ختم ٿي وڃن ٿيون.
Related words with: Hernia
ڪچي وهي
ث. اها روزاني حساب ڪتاب جي وهي جنهن ۾ رقم گهٽ وڌ ڪري سگهجي ، روزنامچو ، کاتو ، ڏينهنڪڙي ، کرڙو ، سوڙهه بندي ، ڪچي بندي ، روزاني داخلا جي بندي. ڪچو کاتو. ننڍي عمر ، ٻاراڻي وهي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal