SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hepatitis B

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hepətaitis
  • b
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hepatitis B

ھي.پي.ٽاءِ.ٽِس ـ بِي

ھيپٽائيٽس بِي وائرس (virus) سبب ٿي پوي ٿي. ھي وائرس رت، رت جي جزن يا حصن يا جسماني پاڻيٺن رستي ھڪ ٻئي جي ساڳين سين، متاثر فرد کان رت وٺڻ يا ان سان جنسي تعلق رکڻ سان پکڙجي ٿو. ھن وائرس جي اسرڻ جو عرصو (incubation peroid) 1 کان 6 مھينا ٿئي ٿو ان کانپوءِ اوچتو مٿي جي سور، بخار ۽ يرقان (jaundice) جون نشانيون پيدا ٿي پون ٿيون. ڪيترا فرد ٺيڪ ٿي وڃن ٿا. جڏھن ته ھيپيٽائيٽس بِي موتمار ٿي سگهي ٿي. ھيپيٽائيٽس بِي وائرس جي وچڙڻ جي گهڻي خطري ۾ رھندڙ فرد جھڙوڪ: ھيلٿ ورڪر يا وزِيٽر جيڪي اھڙن ھنڌن تي ڪم ڪن ٿا جتي ھيپيٽائيٽس بي موجود ٿئي ٿي تن کي ٽڪا لڳرائڻ/ اِميونائيزيشن (immunization) ڪرائڻ جي صلاح ڏجي ٿي. اٽڪل 5 سيڪڙو ڪيسن ۾ وائرس سوزش پيدا ڪندو رھي ٿو ۽ روڳ ٿيڻ جي 6 مھينن کانپوءِ به رت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جيڪي فرد لاڳيتو ھن روڳ ۾ مبتلا رھن ٿا اھي ڊگهي عرصي دوران جيري جي ڪينسر (liver cancer) ۽ سِروسس (cirrhosis، جيري جي سوڪھڙي) ٿيڻ جي خطري ۾ رھن ٿا، انھن جو اينٽي وائرل (antiviral) دوائن يا انٽرفيران (interferon) سان علاج ڪري سگهجي ٿو. جڏھن ته علاج سان روڳ ختم ٿي نٿو سگهي تنھنڪري اھڙا فرد پوءِ به ٻين ۾ روڳ ڦھلائي سگهن ٿا.


Remember Me Also:

سنڌي

ث. گوشت جي ٻوٽي ، ڳڙي ، سُڌِي. سُنڍي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal