SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Hepatitis, acute

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hepətaitis
  • əkjuːt
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Hepatitis, acute

ھي.پي.ٽاءِ.ٽِس ـ اَڪيوٽ

جيري (liver) جي مختصر عرصي لاءِ سوزش. ڪن حالتن ۾ اڪيوٽ ھيپيٽائيٽس ممڪن ٿئي ٿو ته ڪرانڪ ھيپيٽائيٽس ۾ تبديل ٿي وڃي (ڏسو، hepatitis, chronic) جڏھن ته عام طور تي جيري جي گنڀير ناقصيت پيدا ڪري وجهي ٿي. اڪيوٽ ھيپيٽائيٽِس چڱيرڙي عام ٿئي ٿي. جنھن جو گهڻو عام ڪارڻ ڪنھن قسم جي ھيپيٽائيٽس وائرس (ڏسو، hepatitis, viral ) ۾ مبتلا ٿيڻ ٿئي ٿو جڏھن ته اھا ٻين روڳن جھڙوڪ: سائِيٽوميگالو وائرس (cytomegalovirus) يا گلينڊيولر فيور (glandular fever) سبب به ٿي پوي ٿي (ڏسو، mononucleosis, infectious). پيراسيٽامول (paracetamol) جي گهڻي وزن کائڻ يا زھريلن ڪيميائي مادن ۾ وائکي ٿيڻ سميت الڪوحل سبب به ٿي پوي (ڏسو، liver disease, alcohol). جڏھن ته ڪن حالتن ۾ ڪنھن به ڪارڻ جي شناخت ڪري نٿي سگهجي. ھن جون نشانيون تمام گهٽ ۽ معمولي کان شديد ٿين ٿيون جن ۾ سور، بخار ۽ يرقان ٿئي ٿو. رت جي تپاسن سميت لِور فنڪشن ٽيسٽ (liver function test) ڪجن ٿيون. ڪيترين حالتن ۾ قدرتي طور تي ڪجهه ھفتن ۾ نوبنائپ ٿي وڃي ٿي. جيڪڏھن بيماري ڪنھن ڪيميائي مادي يا دوا سبب ٿي ٿي تڏھن ڪنھن ترياق استعمال ڪرڻ سان زھر جو اثر زائل ڪري سگهجي ٿو. جگر جي شديد لهسجڻ جي حالت ۾ انتھائي نگهداشست (intensive care) ڪرڻي پوي ٿي. ورلي ڪو جگر جي پيوندڪاريءَ (liver transplant) رستي زندگي بچائڻ جي ضرورت پوي ٿي. مڙني حالتن ۾ الڪوحل کان پرھيز ڪرڻي پوي ٿي.


Remember Me Also:

رنگههپنگههپنگهون

ث. جِسم ۾ ٿورِي بيماري جي حرارت. ڪنهن به ڪم ۾ خاطري جهڙي فيصلي نه ٿيڻ جي حالت ۾ هر هر ذِڪرُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal