هيلسنڪي ڪانفرنس
هيلسنڪي ڪانفرنس
هيءَ گڏجاڻي جولاءِ ۽ آگسٽ 1975ع فنِلئنڊ جي شهر ’هيلسنڪي‘ ۾ سڏائي وئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ’جيرالڊ فورڊ‘ ۽ روسي صدر ’ليونڊبرزنيف‘ سميت 35 ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس جي پڌرنامي (Chater) تي صحيون ڪندڙ ملڪن، هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت کي مڃڻ، اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ ۽ تعاون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ڪانفرنس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ٻئي جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي قيام وارن مقصدن جي پوئواري ڪندي، غير فوجي وفد مختلف ملڪن جا دورا ڪندا ۽ هٿيارن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڀئي ملڪ گڏجي اهم اُپاءَ وٺندا. هن ڪانفرنس ۾ مغربي ۽ ڪميونسٽ بلاڪن ۾ هڪٻئي سان سهڪار لاءِ ماحول جڙيو
ککر
ذ . کاري جي مڇي جا ٻه قسم، هڪ ڪکر، ٻيو ٻاجو. ڪکر جو رنگ اڇو ۽ سِرَ تي ننڍڙا ڪنڊا ۽ سنهرا ڇلر، ويڪرو ڊگهو هيڊو پڇ ، قد اڌ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ تائين، وات ويڪرو ۽ پڇ سنهون.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal