SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Heatstroke

(click word to listen sound
  • 🔊
  • heatstroke
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Heatstroke

ھيٽ ـ اسٽروڪ

سج لڳڻ، ڏينھن لڳڻ، ھڪ اھڙي موتمار حالت ٿئي ٿي جيڪا گرميءَ ۾ حد کان وڌيڪ وائکي ٿيڻ سبب پيدا ٿئي ٿي ته ان سان گڏ جسم جو گرمي ھلائيندڙ طريقيڪار به ڊانواڊول ٿي جسم کي خطرناڪ حد تائين گرم ڪري ڇڏي ٿو. گرمي لڳڻ جو ھڪ عام ڪارڻ گرم آبھوا ۾ ڊگهي عرصي تائين وائکو ٿيڻ ٿئي ٿو. سخت ڪم، نامناسب پوشاڪ، حد کان وڌيڪ کائڻ، تمام گهڻو الڪوحل واپرائڻ ورلي ان جا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. گرمي لڳڻ کانپوءِ عام طور تي گرميءَ جي ساڻائي (heat exhaustion) ٿي پوي ٿي جنھن سبب ساڻائي ۽ شديد پگهرجڻ ٿئي ٿو. گرمي لڳڻ سان گڏ پگهرجڻ گهٽجي بلڪل بند به ٿي سگهي ٿو. چمڙي گرم ۽ خشڪ، ساه کڻڻ جو عمل تراکڙو، نبض تيز ۽ ھيڻي ٿي وڃي ٿي. جسم جو گرمي پد ڊرامائي انداز ۾ وڌي وڃي ٿو ۽ علاج نه ڪرڻ سان ممڪن ٿئي ٿو ته مريض ھوش وڃائي مري سگهي ٿو. گرميءَ کان بچڻ لاءِ پاڻکي آھستي آھستي گرم ماحول سان ھيرائڻو پوي ٿو (ڏسو، heat disorders). جيڪڏھن گرمي لڳي پوي ته ترت علاج لاءِ اسپتال ڀيڙو ٿيڻو پوي ٿو.


Remember Me Also:

قايم الليل

ذ. صفت. هميشه رات جو جاڳندڙ ، تهجدگذار.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal