SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Heat exhaustion

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hiːt
  • igzɔːstʃən
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Heat exhaustion

ھيٽ ـ اِگ.زاس.شن

گرميءَ سبب پيدا ٿيندڙ گهڻي ساڻائي حد کان وڌيڪ گرميءَ ۾ وائکي ٿيڻ سبب پيدا ٿئي ٿي ۽ ڍيري ڪري وجهي ٿي. گرميءَ جي ساڻائيءَ جا مکيا ٽي ڪارڻ ٿين ٿا: پاڻي ناڪافي مقدار ۾ پيئڻ، لوڻ ناڪافي مقدار ۾ استعمال ڪرڻ ۽ پگهر جي پيداوار ۾ کوٽ پيدا ٿيڻ. ساڻائيءَ کانسواءِ ان جي ٻين نشانين ۾ بيھوشي، غشي، اوڪارا ۽ الٽي، مٿي جو سور شامل ٿين ٿا ۽ جڏھن لوڻ به گهڻي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو ته گرميءَ جون ڳڍڙيون (heat cramps) پون ٿيون. عام طور تي چمڙي اڇي ۽ گهميل، ساه کڻڻ جو عمل تڪڙو ۽ تراکڙو، نبض تيز ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿي. جيڪڏھن علاج نه ڪجي ته گرميءَ جي ساڻائي گرمي لڳڻ (heatstroke) ۾ مٽجي وڃي ٿي. گرميءَ جي ساڻائي جي علاج ۾ آرام ڪرڻ، ضايع ٿي ويل پاڻيءَ ۽ لوڻ جي کوٽ پوري ڪرڻ شامل ٿين ٿا. بچاءَ لاءِ عام طور تي پاڻکي آھستي آھستي گرم ماحول سان ھيرائڻو پويٿو.


Remember Me Also:

بر آورد ڪرڻ

حاضري وٺڻ. حساب ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal