SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Heat disorders

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hiːt
  • disɔːdəz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Heat disorders

ھيٽ ـ ڊس.ئارڊر

گرميءَ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا، جسم گهڻي ڀڙ طريقي سان 37o س جي لڳ ڀڳ ڪم ڪري ٿو ۽ ان گرمي پد ۾ ايندڙ وڏي تبديلي جسماني ڪمن کي ڊانواڊول ڪري ڇڏي ٿي. جسماني مشينريءَ جي ناقص ڪم ڪرڻ يا ان تي حد کان وڌيڪ بار وجهڻ سان ته جيئن اندريون گرمي پد ھڪجھڙو رھي سگهي گرميءَ جو نقص پيدا ڪري سگهي ٿو. جسم جنھن طريقي سان غيرضروري گرمي ضايع ڪري ٿو ان تي دماغ ۾ موجود ھائپوٿيلامس (hypothalamus) ضابطو رکي ٿو. جڏھن رت جو گرمي پد وڌي وڃي ٿو تڏھن ھائپوٿيلامس، اعصابي/ تنتي اِمپلسن رستي پگهر جي غدودن (sweat glands) کي متحرڪ ڪري ۽ چمڙيءَ جي رت نلين کي موڪرو ڪري ڇڏي ٿو جيڪي جسم کي ٿڌو ڪري ڇڏين ٿيون. جڏھن ته حد کان وڌيڪ پگهرجڻ سبب جسم جي لوڻن ۽ پاڻيٺڻ ۾ ھڪ غيرتوازن پيدا ٿئي ٿو جنھن سبب ھيٽ ڪريمپس (heat cramps، گرميءَ جون ڳڍڙيون) يا ھيٽ ايگزاسشن (heat exhaustion، گرميءَ جي ساڻائي) پيدا ٿي سگهي ٿي. جڏھن ھيپوٿيلامس جي ڪم ۾ خلل پيدا ٿئي ٿو (مثال طور؛ بخار جي حالت ۾) ته جسم حد کان وڌيڪ گرم ٿي گرميءَ لڳڻ جو شڪار ٿي پوي ٿو. جڏھن ته ٻاھرين گرمي آرايون (prickly heat) پيدا ڪري سگهي ٿي. گرميءَ جي پيدا ٿيندڙ ڪيترن مسئلن کي آھستي آھستي گرم ماحول ۾ پاڻ ھيرائڻ يا ٺھڪائڻ ۽ لوڻ جون گوريون يا ڳار استعمال ڪرڻ سان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو. ھلڪو کاڌو کائڻ ۽ ھر ھر ٿڌي پاڻيءَ ۾ وھنجڻ سان به فائدو ٿئي ٿو. الڪوحل ۽ سخت ڪسرتن کان پرھيز ڪرڻي پوي ٿي.


Remember Me Also:

ذليل

ذ. صفت. [ع. ذَلُ = هو ڪميڻو ٿيو] خوار ، رُسوا ، بدنام. نيچ ، ڪمينو ، ڌڪاريل ، خراب. بي عزت ، ڪين جهڙو ، ڌڪار لائق. ڦيٺ پيل ، مٺو ، کوٽو. ڪم ذات ، گهٽ ، حقير. نرلڄو ، بي غيرت ، بي شرم. گنهگار. نماڻو ، مسڪين.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal