
Heart valve
ھارٽ ـ وال
دل جي ڀانڊي جي منھن وٽ ھڪ اھڙي بناوت جيڪا رت کي ڀانڊي کان ٻاھر ته وھڻ ڏئي ٿي پر واپس ٿيڻ نٿي ڏئي. دل جا چار وال ٿين ٿا: ايئورٽڪ (aortic)، پلِمونري (pulmonary)، مائٽرل (mitral) ۽ ٽرائِڪسپڊ (tricuspid). دل جي ھر سائيڪل/ ڦيري سان انھن جو کلڻ ۽ بند ٿيڻ، دل جا آواز (heart sounds) پيدا ڪري ٿو. دل جو ڪو به وال اِسٽينوسس (stenosis، سوڙھائپ) سبب متاثر ٿي سگهي ٿو جنھنڪري دل کي سختيءَ سان ڪم ڪري رت کي دل مان گذارڻو پوي ٿو يا اڻ اثرائتي يا اڻپوري طريقي سان جنھن سبب وال، رت جو بيڪ فلو روڪي نٿو سگهي نتيجي ۾ دل جي مر مر (mur mur) پيدا ٿئي ٿي. دل جي وال جا نقص ڄمڻ وقت به موجود ٿي سگهن ٿا (ڏسو، heart disease, congenital) يا زندگيءَ ۾ اڳتي ھلي پيدا ٿي سگهن ٿا. ڄمڻ وقت والن جا گهڻا عام موروثي نقص ٿين ٿا: ايئورٽڪ اسٽِينوسس (aortic stenosis) ۽ پلِمونري اسٽِينوسس (pulmonary stenosis). جڏھن ته دل ـ وال جون عام طور تي پرايل بيماريون ڪِن بگاڙ پيدا ڪندڙن تبديلين يا اِسڪيميا (ischaemia) بيمارين جي دل جي ڪنھن حصي کي متاثر ڪري ايئورٽڪ اسٽِينوسس يا مائٽرل اِنڪامپيٽينس (mitral incompetence) جي صورت ۾ ظاھر ٿي پون ٿيون. رِيوميٽڪ فيور (rheumatic fever) مائٽرل اسٽينوسِس (mitral stenosis)، مائٽرل اِنڪامپيٽينس، ايئورٽڪ وال ڊفيڪٽَ، ٽرائڪسپڊ اسٽينوسِس (tricuspid stenosis) ۽ ٽرائڪسپڊ اِنڪامپيٽينس (tricuspid incompetence) پيدا ڪري سگهن ٿا. جڏھن ته دل جا وال بيڪٽيريل اينڊوڪارڊائيٽس (endocarditis) سبب به تباه ٿي سگهن ٿا. عام طور تي دل ـ وال نقص ھرٽ فيلوئر (heart failure)، ارِڌمياس (arrhythmias) يا جسم کي گهٽ ملندڙ رت جي رسد سبب پيدا ٿيندڙ تڪليفن جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿا.دل ـ وال نقص آسڪلٽيشن (auscultation)، ڇاتيءَ جي ايڪسري (X-ray)، اي سي جي (ECG) يا اِڪوڪارڊيوگرافيءَ (echocardiography) رستي تشخيص ته ھرٽ ـ وال سرجريءَ رستي درست ڪري سگهجن ٿا.
وڃڻائون
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal