
Heart sounds
ھارٽ ـ سائونڊس
دل جي ھر ڌڙڪي (heartbeat) سان پيدا ٿيندڙ آواز. دل جي ھر گردشي ڦيري جا اِسٽيٿواِسڪوپ (stethoscope) رستي ٻه مکيا آواز چٽيءَ طرح سان ٻڌي سگهجن ٿا. انھن مان پھريون ”لب“ (lubb) جھڙو ٿئي ٿو جيڪو ايٽريا جي ايگسٽ وٽ ٽرائڪسپڊ (tricuspid) ۽ مائٽرل والن (mitral valves) جي بند ٿيڻ سبب تڏھن پيدا ٿئي ٿو جڏھن وينٽريڪلون، رت کي دل کان ٻاھر ڌڪڻ لاءِ ڪوئجڻ شروع ڪن ٿيون. ٻيو وڏڙو ”ڊپ“ (dupp) جھڙو آواز پلِمونري (pulmonary) ۽ ايئورٽڪ (aortic) والن جي بند ٿيڻ سان وينٽريڪلن جي ايگزٽ وٽ تڏھن پيدا ٿئي ٿو جڏھن وينٽريڪلون ڪوئجڻ پورو ڪن ٿيون. دل جا غيرمعمولي آواز مختلف نقصن جا اشارا ٿي سگهن ٿا. مثال طور؛ وڏا آواز يا ”ڪلڪ“ (clicks) جا، وال کلڻ جي اوچتي بند ٿيڻ جا انھن ماڻھن ۾ پيدا ٿين ٿا جن جي دل جي والن ۾ ڪي نقص ھجن ٿا. دل جي مَر مَر (murmurs) جھڙا آواز غيرمعمولي ٿين ٿا ۽ رت جي وھڪري جي ٽربيولينٽ ڪري پيدا ٿين ٿا. اھي دل جي والن ۾ نقصن يا پيدائشي دل جي بيماريءَ سبب پيدا ٿين ٿا.
کوڻيتي
ث . صفت. پوري وقت تي اچڻ واري ، کڻائيتي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal