SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Heart failure

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hɑːt
  • feiljər
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Heart failure

هرٽ فيليئور

حرڪت قلب بند، دل جو ڌڙڪو بند ٿيڻ، دل جو بيهڻ


From the Dictionary of Official Terms:

Heart failure

دل جي چرپر بند ٿيڻ- موت


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Heart failure

ھارٽ ـ فيل.وئر

دل (heart) جو ان لائق نه ھجڻ ته رت کي ڦڦڙن ۽ باقي سڄي جسم ڏانھن گردش ڪرائڻ جو ڪم ڪري سگهي. دل جو ناڪاره ٿيڻ اصل ۾ دل جي کاٻي يا ساڄي پاسي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جڏھن ته مکيو طور تي ٻنھي پاسن کي متاثر ڪري ٿو، جنھن سبب عام طور تي ان کي ڪنجِسٽو (congestive) يا ڪرانڪ (chronic) ھرٽ فيلوئر سڏجي ٿو. دل جي کاٻي پاسي جو ناڪاره ٿيڻ جو ڪارڻ ھائپرٽينشن (hypertension)، اَنيمِيا (anaemia)، ھائپرٿائروائڊزم (hyperthyroidism)، دل جي ڪنھن وال جو نقص (جھڙوڪ: aortic stenosis, aortic incompetence or mitral incompetence) يا ڪنجينائيٽل ھرٽ ڊفيڪٽ (ڏسو، heart disease, congenital ) ٿي سگهن ٿا. دل جي کاٻي پاسي جي ناڪاره ٿيڻ جا ٻيا ڪارڻ ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease)، مايوڪارڊيئل انفارڪشن (myocardial infarction)، ڪارڊيئڪ اَرِڌمياس (cardiac arrhythmias) ۽ ڪارڊيوماياپيٿي (cardiomyopathy) ٿين ٿا. دل جي کاٻي پاسي جي ناڪاره ٿيڻ ۾ دل ھر ڀيري جي ڀيڪوڙ سان مڪمل طور تي خالي ٿي نٿي سگهي يا ڦڦڙن کان واپس ايندڙ رت حاصل ڪري نٿي سگهي جنھن سبب رھجي ويل رت بيڪ پريشر پيدا ڪرڻ سبب ڦڦڙ رت سان ڏٽجي وڃن ٿا. اھڙي حالت پلِمونري ايڊيما (pulmonary oedema) پيدا ڪري سگهي ٿي. دل جي ساڄي پاسي جي ناڪاره ٿيڻ جو گهڻو عام ڪارڻ پلِمونري ھائپرٽينشن (pulmonary hypertension) ٿئي ٿو جيڪو پڻ دل جي کاٻي پاسي جي ناڪاره ٿيڻ سبب يا ڦڦڙ جي بيماري جھڙوڪ: پراڻيءَ آبسٽرڪٽو پلِمونري ڊزيز (ڏسو، pulmonary disease, chronic obstructive) سبب ٿي پوي ٿو. ساڄي پاسي جي ناڪاري دل جي ڪنھن وال جي نقص ڪري به پيدا ٿي سگهي ٿي جھڙوڪ: ٽرائڪسپڊ اِنڪامپِيٽينس (tricuspid incompetence) يا ڪو پيدائشي نقص. دل جي ساڄي پاسي ناڪاره ٿيڻ سان رت جي گردش ۾ دل کان وينس سسٽم ۾ بيڪ پريشر پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳچيءَ جون نسون سڄائي، جيرو ڦوڪائي ۽ خاص طور تي ٽنگن ۽ مَرن جي ايڊيما (odema) پيدا ڪري سگهي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته آنڊا ڳتجي وڃن ۽ اھنج پيدا ڪري وجهن. علاج جو مدار، اصلي ڪارڻ تي ٿئي ٿو جڏھن ته ان لاءِ ڊائِيوريٽڪ (diuretic)، اي سي اِي انھبٽر (ACE inhibitor)، بيٽا بلاڪر (beta-blocker)، ڊِجيٽيلس (digitalis) دوائون ۽ آڪسيجن شامل ٿي سگهي ٿي. کاٻي پاسي جي شديد فيلوئر ھڪ ھنگامي حالت سمجهي وڃي ٿي ۽ ان لاءِ اسپتال ۾ ترت علاج شروع ڪرڻو پوي ٿو.


.


Other Phrases of Heart failure used in Daily life:

Remember Me Also:

ڌٻڻي

اسم خاص. تعلقي ٽنڊي باگي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal