SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Heart block

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hɑːt
  • blɔk
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Heart block

ھارٽ ـ بلاڪ

دل جي ڌڙڪي (heartbeat) جو ھڪ نقص جنھن جو ڪارڻ اِمپلسز جي راه ۾ دل جي ڪنڊڪٽنگ سرشتي ۾ مداخلت جو پيدا ٿيڻ ٿئي ٿو. ھرٽ بلاڪ جا ڪيترائي درجا ٿين ٿا جنھن ۾ ايٽريا (ڏسو، atrium) ۽ وينٽريڪلن (جنھن کي prolonged P-R interval سڏجي) جي ڪوئجڻ جي وچواري عرصي ۾ معمولي دير کانوٺي مڪمل ھرٽ بلاڪ به ٿي سگهي ٿي جنھن ۾ ايٽريا ۽ وينٽريڪل ھڪ ٻئي کان خود مختيار ڌڙڪن ٿا. ھرٽ بلاڪ ٿيڻ جا ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease)، مايوڪارڊائيٽس (myocarditis) ڊجيٽيلس دوائن (digitalis drugs) جو حد کان وڌيڪ وزن يا ريوميٽڪ فيور (rheumatic fever) جھڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. ڊگهي پي ـ آر انٽرول سبب ڪي به نشانيون پيدا نٿيو ٿين. گهڻي شديد ھرٽ بلاڪ جي حالت ۾ ڪسرت ڪرڻ جي موٽ ۾ وينٽريڪيولر ڪوءَ جي رفتار ۾ واڌارو نٿو ٿئي. پر ھرٽ فيلوئر (heart failure) سبب ساه جي مونجهه يا اَنجائنا پيڪٽورس (angina pectoris) سبب ڇاتيءَ جو سور پيدا ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن وينٽريڪيولر دھڪو (beat) گهڻو آھستي ٿي وڃي ٿو يا ڪجهه سيڪنڊن لاءِ بلڪل بند ٿي وڃي ٿو ته دماغ کي رت جي اڻ پوري رسد پھچڻ سبب بيھوشي يا جهٽڪا پئجي سگهن ٿا. گهڻيءَ دير جي حالت ۾ فالج (stroke) به ٿي سگهي ٿو.


Remember Me Also:

اڀاڳائي

ث. بي ڀاڳائي ، بي بختي ، نڀاڳائي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal