SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Haemophilia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • haemophilia
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Haemophilia

هيموفليا

وهندڙ خون، جريان خون


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Haemophilia

ھي.مو.فِي.ليا

رت جي ھڪ موروثي بيماري جنھن ۾ رت جي پروٽينن (clotting factors، سڏجن) جيڪي رت جي ڄمڻ لاءِ ضروري ٿين انھن جي کوٽ ٿئي ٿي. ھيموفيليا جا مکيا ٻه قسم ٿين ٿا: ھيموفيليا اَي (ورلي ڪلاسڪ ھيموفيليا classic haemophilia به سڏجي)، ان ۾ ڪلاٽنگ فيڪٽر VIII جي کوٽ ٿئي ٿي ۽ ھيموفيليا بِي (ڪرسمس ڊزيز Christmas disease جي نالي سان به سڏجي) جنھن ۾ فيڪٽر IX جي اڻاٺ ٿئي ٿي. ٻئي ساڳي قسم جون ٿين ٿيون جڏھن ته ھيموفيليا بِي ورلي ۽ گهٽ شديد ٿئي ٿي. ٻئي قسم ايڪس ـ لنڪڊ (X-linked) نقص ۽ سيڪس ـ لنڪڊ انھيريٽينس (sex-linked inheritance) طريقي سان ٿين ٿيون، گهڻين حالتن ۾ مردن کي متاثر ڪن ٿيون. ٻنھي قسمن جي مکيو نشاني، وري وري يا دائمي رتھير عام طور تي سنڌن مان پنھنجو پاڻ يا ڌڪ لڳڻ کانپوءِ ٿي پوي ٿي. رتھير واريون گهڙيون تڪليف واريون ٿين ٿيون. ان جو جيڪڏھن ترت تدارڪ نه ڪجي ته سنڌ بي ڊولو ٿي وڃي ٿو. ڌڪ يا معمولي آپريشن جھڙوڪ ڏند ڪڍرائڻ سان به گهڻي رتھير ٿي سگهي ٿي. جسم اندر ٿيندڙ رتھير سبب پيشاب ۾ رت اچي سگهي ٿي يا ايڪسِٽينسِو بريوسيس (extensive bruises، وسيع نير/ نيرا داڳ) ٿي سگهي ٿي.


Related words with: Haemophilia


.


Haemophilia is also used in:

Remember Me Also:

سلفو

ذ. [ع. سَلف = ڳوٿِري. ف. سَلف = کنگهه] تماڪ ڇِڪَڻ جو اوزارُ ، پائِيپُ. چِرُوٽُ ، سِگارُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal