SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


HIV

(click word to listen sound
  • 🔊
  • hiv
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

HIV

ايڇ آءِ وي

ھيومن اِميونوڊيفيشنسيءَ وائرس (human immunodeficiency virus) جو مخفف. ايڇ آءِ وي ھڪ ريٽرووائرس (retrovirus) ٿئي ٿو (ڏسو، virus) ۽ ائڊس پيدا ڪري ٿو. ان سان ويجها لاڳاپيل وائرس ايڇ آءِ وي1 (HIV-1) ۽ ايڇ آءِ وي2 (HIV-2) ٿين ٿا. ايڇ آءِ وي1 گهڻو عام ۽ سڄيءَ دنيا ۾ ايڊس پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿو ۽ ايڇ آءِ وي2 گهڻي ڀاڱي رڳو ڏکڻ آفريڪا تائين محدود ٿئي ٿو. ايڇ آءِ وي جسم تائين عطيي طور غليظ رت وٺڻ، اڻ اسٽرلائيز سيون استعمال ڪرڻ يا جنسي عمل رستي متاثر فرد کان صحتمند فرد تائين رسي ٿو. ھڪ اھڙي عورت جنھن جي ايڇ آءِ ويءَ جو علاج نه ڪجي پنھنجي ٻار ۾ حمل دوران، ويامجڻ وقت ۽ پنھنجيءَ ٿڃ رستي ٻالڪ ۾ ايڇ آءِ وي منتقل ڪري سگهي ٿي. جسم ۾ ھي وائرس سي ڊي 4 لِمفوسائيٽن (CD4) ۾ واڌ ڪري ٿو جيڪي ھڪ قسم جا رت جا اڇا سيل ٿين ٿا، انھن کي تباه ڪري اِميون سرشتي کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو. ايڇ آءِ ويءَ ۾ مبتلا فردن کي لازمي طور تي ھن روڳ تي باقاعدي نظر رکڻي پوي ٿي ته جيئن ڏسي سگهجي ته ان جي مخصوص علاج جھڙوڪ: اينٽي ريٽرووائرل (antiretroviral) دوائن جي ضرورت ته ناھي.


Remember Me Also:

ڳرهڙي

ث . ڪڻڪ جي اٽي جي ڳُڙ ۽ گيهه وجهي پڇايل ماني ، بُسري، ڳُرهاڙي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal