SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Grafting

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • grɑːftiŋ

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Grafting

گرافٽ.نگ

جسم جي ھڪ حصي جا صحتمند ٽشو جسم جي ڪنھن ٻئي ھنڌ پيوند ڪرڻ (autografting)، ڪنھن ھڪ فرد جا ڪنھن ٻئي فرد ۾ منتقل ڪرڻ (allografting) يا ڪنھن جانور جا ڪنھن ماڻھوءَ ۾ پيوند ڪرڻ (xenografting). گرافٽنگ ڪرڻ جو مقصد بيمار، ناقص يا بيڪار ٽشوئن يا عضون جي مرمت يا تبديلي ڪرڻ ٿئي ٿي. ھن قسم جون گهڻيون عام آپريشنون ٿين ٿيون: اسڪن گرافٽنگ (skin grafting)، بون گرافٽنگ (bone grafting)، اسٽيم سيل (stem cell) يا بون مئرو ٽرانسپلانٽ (bone marrow transplant)، ڪارنيئل گرافٽ (corneal grfat)ڪڊني ٽرانسپلانٽ (kidney transplant)، ھرٽ ٽرانسپلانٽ (heart transplant)، لِور ٽرانسپلانٽ (liver transplant)، ھرٽ ـ لنگ ٽرانسپلانٽ (herat-lung transplant)، ھرٽ وال سرجري (herat valve surgery) ۽ مائڪروسرجري (microsurgery) جيڪا رت نلين ۽ تنتن لاءِ ڪجي ٿي. عام طور تي آٽوگرافٽنگ جي حالت ۾، پيوند ڪيل ٽشو آسپاس جي نئين ھنڌ تي سٺيءَ طرح سان جذب ٿي وڃن ٿا. جڏھن ته پيوندي ٽشوئن کي پنھنجي نه ڪرڻ/ رد ڪرڻ جي عام خطرن جو ٽرانسپلانٽ سرجريءَ (transplant surgery) ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي.


.


Other Phrases of Grafting used in Daily life:

Remember Me Also:

اشتباهه

ذ. [ع. اِشتَباهه = شڪ ڪرڻ] شڪ ، شبهو ، گمان. مونجهارو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal