SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Glycosuria

(click word to listen sound
  • 🔊
  • glycosuria
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Glycosuria

گلاءِ ڪوسوريا

پيشاب ۾ کنڊ اچڻ، مٺي پيشاب جي بيماري


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Glycosuria

گلا.ءِ..ڪو.سور.يا

پيشاب ۾ گلوڪوس (glucose) جي موجودگي. جنھن جو ڪارڻ بڪين (kidneys) جو گلوڪوس کي ٻيھر جذب نه ڪري رت ۾ واپس موڪلڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ٿئي ٿو. ايئن ھائپرگلائيسيميا (hyperglycaemia) سبب به ٿي سگهي ٿو جيئن ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) جي حالت ۾ يا جڏھن بڪين جون نلڙيون تباه ٿي وڃن ٿيون. بھرحال، عام طور تي گلائيڪوسوريا جي حالت تڏھن اھم سمجهي وڃي ٿي جڏھن ان سان گڏ رت ۾ گلوڪوس جي سطح به وڌيل ھجي. گلائيڪوسوريا عام طور تي حمل دوران تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن رت ۾ گلوڪوس جي سطح عام رواجي ھجي ٿي. گلائيڪوسوريا جي تشخيص پيشاب تپاسڻ (urinalysis) ۽ ان جي پڪ رت جي تپاسن رستي ڪجي ٿي.علاج جو مدار ڪارڻ آھر ڪجي ٿو.


Remember Me Also:

ڪؤنش

ذ. قفش ، جُوتو. ”توري جان مون دل تپاس ڪي، تان آءٌ تنهنجي ڪؤنش برابر ڪين“ مينهن مڱڻهار.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal