From Dictionary of Political Terms
گيٽل ريمنڊ گار فيلڊ
هي سياست جي علم کي رياست ۽ حڪومت جو علم قرار ڏئي ٿو. رياست جا ٻه فرض هوندا آهن. لازمي ۽ اختياري، پهرين ۾ امن ۽ امان قائم ڪرڻ ۽ پرڏيهي نيتي شامل آهن، جڏهن ته آخري فرض فردن جي ساڃاهه تي ڇڏيا ويا آهن.گيٽل حڪومت جي ورهاست جا ٽي اصول بيان ڪيا آهن: پهريون اصول فردن جو تعداد جيڪي رياست جا اختيار استعمال ڪن ٿا. ٻيو اصول اختيارن جي عليحدگي آهي ۽ ٽيون اصول اختيارن جي ورهاست آهي، سندس خيال ۾ آباديءَ جي اڪثريت حاڪماڻي طاقت جي استعمال ۾ حصو وٺڻ جو حق رکي ٿي. سندس راءِ ۾ انهن بنيادي اصولن جي مجموعو آهي، جيڪي رياست جي بنيادي جوڙجڪڪن ٿا.هن مطابق قانون سرڪاري شعبي جو حڪم هوندو آهي. اهو شعبو قانوني طور ٻڌايل دائري جي حدن ۾ ڪم ڪندو آهي. قانون جا چار ذريعا آهن: رسم، عدالتي فيصلا، علمي شرحون ۽ قانون ٺاهڻ. گيٽل هڪ ڪتاب Introduction to Political Science لکيو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal