جرمن ري يونيفڪيشن
جرمنيءَ جو ٻيهر ميلاپ
ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ سرمائيداريت ۽ اشتراڪيت وچ ۾ چٽاڀيٽيءَ سبب دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. انهيءَ ورڇ جي نتيجي ۾ جرمني به ٻه ڀاڱا بڻجي اولهه ۽ اوڀر جرمني بڻجي پئي ۽ برلن شهر جي وچ ۾ جوڙيل ڀت، ٻنهي ملڪن وچ ۾ فرض ڪيل سرحد جو روپ اختيار ڪيو. 1986ع ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي صدر ميخائل گورباچوف جي پاليسين دنيا ۾ زبردست سياسي اٿل پُٿل آندي، جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار 3 آڪٽوبر 1990ع تي اوڀر جرمنيءَ ۽ اولهه جرمنيءَ گڏ ٿي هڪ ملڪ جي حيثيت حاصل ڪئي. برلن جي ديوار کي تقريبن اڌ صديءَ کانپوءِ ٽوڙي برلن شهر جي ٻنهي حصن کي پاڻ ۾ ملايو ويو. انهيءَ تبديليءَ مهل جرمنيءَ جو حڪومتي سربراهه چانسلر ’هيلمٽ ڪوهل‘ هُئو. هن تبديليءَ جي نتيجي ۾ اوڀر جرمنيءَ ۾ صدر ’ايرخ هونيڪر‘ جو تختو اونڌو ڪيو ويو. هن وقت گڏيل جرمنيءَ جي آبادي تقريبن 90 ملين آهي
ڏاگوري
اسم خاص. هڪ گهٽ ذات جو نالو. چُهڙو ، مِهترِ ، ڀَنگي ، ٻاليشاهي ، جهاڙُ وال ، ڏَڦيرُ ، شڪاري.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal