جيو پاليٽڪس
زميني يا ارضياتي سياست
عام طور ڪنهن به مخصوص علائقي تي سياسي طاقت جي ذريعي هُنر ۽ عمل ذريعي مملڪتي ڪاروهنوار هلائڻ کي ”زميني سياست“ چيو وڃي ٿو. پر هڪ ٻي وضاحت هيٺ، سياسي جاگرافي ۽ علم سياسيات جي ميلاپ کي”زميني سياست“ چئبو آهي، ڇاڪاڻ جو بين الاقوامي تعلقات ۾ سياسي قيادت ۽ نظام سان گڏ، جاگرافيائي پوزيشن ڪنهن به قوم کي سگهارو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن اصطلاح جي شروعات مشهور سياسي ماهر ’روڊولف ڪيلن‘ 1899ع ۾ ڪئي ۽ ان اصطلاح کي مقبوليت ويهين صدي عيسويءَ ۾ نصيب ٿي. جڏهن برطانوي جاگرافيدان ’هالفورڊ مئڪنڊر‘، جاگرافيائي حالتن کي دنيا ۾ برطانوي اثر وڌائڻ ۾ اهم محرڪ ڄاڻائيندي، اهو اصطلاح پنهنجي نظريي ۾ استعمال ڪيو. هن اصطلاح ۾ علائقو، آبهوا، بيهڪ، آبادي، وسيلا، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي سرشتا اهميت جوڳا عنصر آهن. سياسي مُفڪر ’مئڪنڊر‘، ’ماهم‘ ، ’آر- جي- ڪيلن‘ (1922-1864ع ) ۽ ’مارڪ هوشوفر‘جهڙن ماهرن هن علم جي حاصلات کي بين الاقوامي تعلقات جو اهم جُز ڄاڻايو آهي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal