
Genetic engineering/recombinant DNA technology
جَي.نيٽ.ڪ ـ اِنج.نييَر.نگ/ ري.ڪام.بي.ننٽ ڊي اين اَي ٽيڪنالاجي
جينيٽڪس جي ھڪ اھڙي شاخ جنھن جو واسطو ڪنھن جاندار جي جينياتي مادي ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ سان ٿئي ٿو ته جيئن ان جاندار جي خاصيتن ۾ خواھش پٽاندڙ تبديلي پيدا ڪري سگهجي. جينيٽڪ انجنيئرنگ رستي ڪيترن قسمن جا مادا ٿوڪ جي حساب سان پيدا ڪيا وڃن ٿا جيڪي طب ۾ ڪارائتا ٿين ٿا. ان لاءِ ڪا اھڙي جين جيڪا ڪا ڪارائتي پروٽين پيدا ڪري سگهي ان جي سڃاڻپ ڪري ڪنھن ٻئي سيل ۾ وڌي وڃي ٿي (عام طور تي ڪنھن بيڪٽريم يا ييسِٽ ۾) جيڪو تيزيءَ سان واڌ ڪري سيلن جي ھڪ اھڙي ڪالوني پيدا ڪري ٿو جن ۾ اھا جين موجود ھجي ٿي. اھا ڪالوني گهربل پروٽين وڏي مقدار ۾ پيدا ڪري ٿي. ڪيترا انساني ھارمون (خاص طور تي insulin and growth hormones) ۽ پروٽينون جھڙوڪ: فيڪٽر VIII(ھيموفيليا جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ) ان طريقي سان تيار ڪجن ٿا. روڳي بيمارين جون وئڪسينون ۽ ڪي دوائون به جينيٽڪ انجنييَرنگ رستي پيدا ڪري سگهجن ٿيون.
چگهه
صفت. سڻڀ ۾ جهِٻُ ، رِجيَلُ ، گيهه ۾ ٻُڏَلُ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal