SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Fungi

(click word to listen sound
  • 🔊
  • fungi
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Fungi

ڦنجي

ھڪ سادي قسم جا پيراسائٽي زندگي گذاريندڙ جيو، جن ۾ کنڀيون (mushrooms)، ٽوڊاسٽول (toadstools)، ڦِيڻ/ خمير(yeast) ۽ مولڊ (moulds) شامل ٿين ٿا. بيماري پيدا ڪندڙ ڦنگين کي ٻن گروپن ۾ ورھائي سگهجي ٿو: فلامينٽيس ڦنگي (filamentous fungi) ۽ ڦِيڻ (yeasts). فلامينٽيس ڦنگي شاخدار تندن جون جڙيل ٿين ٿيون جن کي ھائفي (hyphae) سڏجي ٿو جيڪي ھڪ قسم جو ڄار ٺاھين ٿيون جنھن کي مائسيلِم (mycelium) چئجي ٿو. انھن مان کنڀي ۽ ٽوڊ اسٽول فلِمينٽيس ڦنگس جا پيدائشي حصا ٿين ٿا (جن کي fruiting bodies سڏجي ٿو) جيڪي مردار مادي يا مٽيءَ ۾ پکڙجن ٿا. جڏھن ته ييسٽ ھڪ ـ سيلا (single-celled) جاندار ٿين ٿا. ڪيترا ڦنگي انساني صحت لاءِ يا ته بي مضريا ڪارائتا ٿين ٿا ته ڪي بيماريون پيدا ڪندڙ به ٿين ٿا. ڪن ڦنگين جي فروٽنگ باڊين ۾ زھريلا مادا ٿين ٿا جن کي کائڻ سان وائي ٿي پوي ٿي (ڏسو، mushroom posining). ڪيترا ڦنگي اناجي فصلن کي روڳي، اھڙا زھر پيدا ڪري وائي پيدا ڪن ٿا. انھن ۾ گهڻي عام اھا ڦنگس ٿئي ٿي جيڪا اناج ۾ ارگاٽ (ergot) پيدا ڪري ٿي جنھن جي زھر سبب رت نليون سوڙھيون ٿي وڃن ٿيون ته ٻئي قسم جي، بوھي مڱن تي پيدا ٿي اَفلاٽاڪسن (aflatoxin) پيدا ڪري ٿي جيڪا نه رڳو زھر ته ڪينسري (carcinogen) به ٿئي ٿي. ڪن قسمن جي ڦنگين جا تخم ساه ۾ کڻڻ سان الرجيءَ سبب اَلويولائيٽس (alveolitis) پيدا ڪن ٿا جيڪو ڦڦڙن جي الرجيءَ جو پيدا ٿيندڙ دائمي ردعمل ٿئي ٿو. ان کانسواءِ ورلي ڦنگي تخم ڪن ٻين قسمن جا به الرجيءَ جا مسئلا پيدا ڪن ٿا جھڙوڪ: ايلرجڪ رانائيٽس (rhinitis) ۽ اُڀساھي (asthma). ڪجهه فنجاءِ ڦڦڙن، چمڙيءَ يا جسم جي مختلف ٽشوئن تي حملو ڪري منجهن پنھنجيون ڪالونيون ٺاھي اھڙيون تڪليفون پيدا ڪن ٿا جيڪي ھلڪيءَ خارس کانوٺي شديد، موتمار روڳن جي صورت ۾ سڄي جسم تي ظاھر ٿي (ڏسو، fungal infections) ۽ بيماري (ڏسو، candidiasis) پيدا ڪري وجهن ٿا.


Remember Me Also:

بقم

ذ. [ع] ڪاٺ جو هڪ قِسم جو ڳاڙهي رنگ جو ٿئي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal