
تمام گهڻي ٿڌ
Frost bite
فراسٽ ـ بائيٽ
ٿڌ جو چڪ. شديد ٿڌ سبب ٽشوئن يا ماس کي پھچندڙ نقصان. فراسٽ بائيٽ جسم جي ڪنھن به عضوي کي متاثر ڪري سگهي ٿو جڏھن ته جسم جا ٻاھر نڪتل حصا (نڪ، ڪن ۽ آڱريون) وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. فراسٽ بائيٽ جون پھريون نشانيون سُين چڀڻ جو احساس ٿئي ٿو ان کانپوءِ اھو حصو مڪمل طور تي سُن ٿي وڃي ٿو. چمڙي، اڇي، ٿڌي ۽ سخت ٿي پوءِ ڳاڙھي ٿي سڄي وڃي ٿي. جيڪڏھن اھڙي نقصان کي ترت چمڙيءَ ۽ ان جي ھيٺان واري ماس تائين محدود رکڻ ۾ ڪامياب وڃجي ته اھي حصا مڪمل طور تي بحال ٿي وڃن ٿا. جيڪڏھن رت نليون متاثر ٿي پون ته گنگرين (gangrene) ٿي سگهي ٿي، جنھن سبب متاثر حصن کي ڪٽي ڇڏڻ ضروري ٿي پوي ٿو.
ٽڪرڻ
مصدر. زور سان لڳڻ ، ٽڪرجڻ ، ٺهڪڻ ٻن ڍورن جا وڙهڻ مهل مَٿا ٽَڪرجَڻ. اوچتو مِلي وڃڻ. گڏجڻ ، ڀيٽ ٿيڻ. مقابلو ٿيڻ ، وڙهڻ ٽڪريو ، ٽڪربو ، ٽڪريل.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal