SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


French Indo -ChinaWar

(click word to listen sound
  • 🔊
  • frentʃ
  • indo
  • chinawar
  • )

From the Dictionary of International Relations:

French Indo -ChinaWar

فرئنچ انڊو- چائنا وار

فرانس ۽ هند – چيني جنگ

ٻي عالمي جنگ کان پوءِ جڏهن فرانس ٻيهر هند چين جي علائقن تي قبضو ڪيو، ته هيءَ جنگ 1954ع ۾ ويٽنام ۽ لائوس جي سرحد ڀرسان، فرانسيسي فوجن ۽ ويٽنامين جي آزادي پسند تحريڪ جي وچ ۾ وڙهي ويئي. ”ڊين بين فو“ جي جاءِ تي لڳل هن جنگ ۾ ويٽنام جي عظيم گوريلا اڳواڻ جنرل ’گياپ‘ جي سربراهيءَ ۾ ويٽنامين فرانسيسي فوجن کي فيصلائتي شڪست ڏني. جنگي تاريخ ۾ ”ڊين بين فو“ جي ويڙهه کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪمزور ويٽنامين دنيا جي هڪ زبردست فوجي قوت جا گوڏا کوڙائي ڇڏيا. اِن جنگ کان پوءِ فرانسيسين جو سڄي ويٽنام ۾ اثر رسوخ ختم ٿي ويو. فرانس جي انهيءَ بُڇڙي هار کان پوءِ سُتت ئي ڪميونزم جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جي بهاني سان، آمريڪا ويٽنام ۾ فوجي مداخلت ۽ والار ڪئي


Remember Me Also:

ٽڪرو کائڻ

جهيڙو ڪرڻ. مهاڏو اٽڪائڻ. مقابلو ڪرڻ ، بحث ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal