
قانوني طب
Forensic medicine
فا.رين.سِڪ ـ مي.ڊِي.سِن
طب جي شاخ جنھن جو خاص طور تي واسطو فوجداري قانون (criminal law) سان ٿئي ٿو. فارنسڪ پيٿالاجسٽ اھو ڊاڪٽر ٿئي ٿو جيڪو انھن جسمن جي چڪاسڻ ۾ مھارت حاصل ڪري ٿو جڏھن صورتحال ٻڌائيندي ھجي ته اھڙي فرد جو موت غيرفطرتي ٿيو آھي. فارينسڪ پيٿالاجسٽ انھن فردن جي به چڪاس ڪري سگهي ٿو جن سان جنسي ڏاڍائيءَ ٿيل ھجڻ جو شڪ ھجي ٿو. فارينسڪ سائنسدانَ لئبارٽريءَ جي طور طريقن رستي جسماني پاڻيٺن (جھڙوڪ: رت ۽ مني) جي تپاس ڪن ٿا جيڪي ڌڪيءَ تي يا سندس ڀرسان موجود ھجن انھن جي شڪي فردن سان ڀيٽ ڪري ڏسن ٿا. اھي بالسٽڪس (ballistics) ۽ لباس جي تندن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي به سکيا ورتل ھجن ٿا. ان کانسواءِ فارنسڪ سائنسدان رت جي گروپن (blood grouping) ۽ جينياتي طور تي ھٿ جي ريکائن (fingerprinting genetic) جي به قانوني ڇنڊڇاڻ ڪري سگهن ٿا.
رمڻي
ث. سهڻي عورت ، موهيندڙ عورت ، وڻندڙ زال. صفت حسين ، خوبصورت ، سوڀياوان. هلڻي ، چال ، رفتار.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal