
Foot-drop
فٽ ـ ڊراپ
ھڪ اھڙي تڪليف جنھن ۾ پير درست طريقي سان کڻي نه سگهجي ۽ مُري وٽان ڦلهڙائپ سان لڙڪندو رھي. نوروائيٽس (neuritis) انھن تنتن يا اعصابن کي متاثر ڪري ٿي جيڪي پير چوريندڙ مشڪن کي مھيا ٿين ٿيون، اھو ھڪ عام مسئلو ٿئي ٿو ۽ ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus)، ملٽيپل اسڪليروسس (multiple sclerosis) يا نيوراپيٿيءَ (neuropathy) سبب پيدا ٿي سگهي ٿو. پير جي مشڪن جي ڪمزوريءَ ڪنھن تنت تي جيئن ئي اھا ڪرنگهي مان نڪري ٿي، دٻاءَ پوڻ سبب پڻ پيدا ٿي سگهي ٿي (ريڙه نڪري پوڻ disc prolapse يا ڪنھن ڳوڙھيءَ سبب). علاج، اصل ڪارڻ جو ڪجي ٿو جڏھن ته پوءِ به ڪيترن فردن ۾ ڪمزوري باقي رھي ٿي. ھڪ ھلڪي پلاسٽڪ جي ڪيليپر اسپلنٽ (caliper splint) جي استعمال سان گهمڻ دوران پير کي پنھنجيءَ جاءِ تي رکي سگهجي ٿو.
پائداري
ث. بقاءُ ، جٽاءُ ، قرار. مضبوطي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal